سون اگهه کي بريڪ نه لڳي، وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيويلر ايسوسيئيشن موجب، اڄ ملڪ ۾ في تولو سون 500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 3 لک 62 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 428 رپيا واڌ سان 3 لک 10 هزار 956 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 5 ڊالر چاڙهه بعد 3400 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.