منڊي بهاءُ الدين (ويب ڊيسڪ) منڊي بهاءُ الدين ۾ ڏيتي ليتي جي تڪرار تان ملازم، زميندار ۽ سندس زال کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، منڊي بهاءُ الدين جي علائقي ڀڪي شريف ۾ هڪ زميندار جو پنهنجي ملازم سان پگهار جي ايڊوانس ادائيگي تي جهيڙو ٿيو، جنهن دوران جوابدار زميندار کي سرن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جڏهن زميندار جي زال مڙس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدار کيس به ماري ڇڏيو.
پوليس موجب، واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.