اقليتن کي صدر ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو حق ڏيو: سول سوسائٽي

ڪراچي (رپورٽر) سول سوسائٽي اڳواڻن شيما ڪرماڻي، غزالا شفيق، ڀيوش، صفينه ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪراچي جي سول سوسائٽي طرفان 11 آگسٽ اقليتن جو ڏينهن 10 آگسٽ آچر تي ملهايو ويندو، جنهن ۾ انساني حقن جي ڪارڪنن کان سواءِ اقليتي اڳواڻ ۽ ڪارڪن منجهند جو اڍائي وڳي کان هندو جيمخانا کان مارچ شروع ڪندا ۽ مارچ ۾ شامل اڳواڻ رياست کي اقليتي حقن جي ياد ڏيارڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ اسيمبلي جي ٻاهران پنهنجا مطالبا ورجائيندا، هنن وڌيڪ چيو ته  ملڪ ۾ اقليتي برادري کي اڄ به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن ۾ تعليم، روزگار، سياسي نمائندگي، عبادتن جي آزادي، سڃاڻپ ۽ سماجي تحفظ شامل آهن، آئين جي آرٽيڪل 20، 25، 33، 36 ۽ 38 تحت اقليتن کي مڪمل تحفظ حاصل هجڻ گهرجي. آئين جي آرٽيڪل 41 ۽ 91 ۾ ترميم ڪري اقليتن کي صدر ۽ وزيراعظم بڻجڻ جو حق ڏنو وڃي، اقليتن کي سياسي نمائندگي لاءِ مخصوص سيٽن تي چونڊ جو حق ڏنو وڃي، ”غير مسلم“ جو لفظ آئين مان ختم ڪري اقليتن لاءِ مناسب سڃاڻپ وارو اصطلاح اختيار ڪيو وڃي، اقليتن جي عبادتن، تعليم ۽ ملڪيتن جي تحفظ لاءِ سخت قانونسازي ڪئي وڃي، ۽ اقليتن کي نفرت انگيز تقريرن ۽ نصاب مان نجات ڏني وڃي، اقليتن کي تعليم، روزگار، بنيادي سهولتون ۽ تحفظ لاءِ مستقل بنيادن تي قدم کنيا وڃن، هنن حڪومت، عدليه ۽ ادارن کان مطالبو ڪيو ته هو اقليتن سان برابري، انصاف ۽ سڃاڻپ جي بنياد تي روايتن کان هٽي فيصلا ڪن، جيئن پاڪستان سڀني لاءِ پرامن، محفوظ ۽ برابر موقعن وارو ملڪ بڻجي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.