ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف ٽئين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍي مظاھرا ڪيا ويا.ان سلسلي ۾ گولاڙچي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظهر راهوجو، عبداﷲ چانڊيو، گيانچد مھيشوري،بچل احمداڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، حيدرآباد جي علائقي حسين آباد چوڪ تي قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر نذير احمد بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، عباس پٺاڻ، نذير لاکو، راول سيال، نور حسن جمالي، رب ڏنو ملڪ، شاويز ملاح، جمن سولنگي، فاضل سمون جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي پڻ شريڪ ٿيون. ڪوٽڙي ۾ امداد پنھور، ڄامشورو جي ضلعي صدر اعجاز سومرو، محمد خان، شبير ساند، صورت علي ڇٽو، مقصود جھتيال، ذاڪر گرگيز، امام بخش پنھور، عطا سومرو، ظھير عباس، ديدار کوسو، ڪاشف پنھور، افتخار پنھور، شاھزيب پنھور ميھڙ ۾ ميرکوسو ايڊووڪيٽ، سومر چانڊيو، فياض چانڊيو، اصغر رند،سلمان چانڊيو، ساگر چانڊيو ۽ پنھل سولنگي عمرڪوٽ ۾ الفقراء رحيم مهر، راجا دسرٿ ڏيپار، مشتاق مهر،پون چوڌري،ارشد کوسو،رام باگڙي، سڪندر باگڙي، ڪيلاش ڏان چارڻ، ڪريم مڱريو، وقار ڪلر نئون ديرو ۾ سڪندر علي لاشاري، عبد الرحمن سپڙو، امان الله پٽو، غلام مصطفي شيخ، جھنگل خان ڪوريجو، محمد مٿل شيخ، ڪميل رضا جتوئي، غلام حيدر لاشاري، صاحل لاشاري، آفتاب بلوچ، رئيس کوکر، امام علي لاشاري، علي رضا لاشاري، توفيق احمد کوکر، فراز لاشاري، وقاس علي ڪلھوڙو ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي سليم چنا، غلام نبي ڪولاچي ۽ رٽائرڊ استاد منظور علي منگي پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ ۾ وڏي مقدار ۾ پاڻي ھجڻ باوجود بدين، سجاول، ٽنڊو محمد خان، سميت سڄي سنڌ ۾ پڇڙي آبادگارن کي اڃا تائين نٿو ڏنو وڃي. وفاقي حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جا وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي. 6 ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبا آھن. ارسا ۽ واپڊا سنڌو درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ ۾ سھولتڪار بنيل آھن سڪرنڊ ۾ مير محمد منگي جنرل سيڪريٽري رسول بخش لغاري، مولا بخش ڪيريو، فيروز لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سڪرنڊ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪئي.