ڪراچي (رپورٽر) حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي زال مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارت ڪشميري اڳواڻن جي حياتيءَ لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي، هو کين جيلن ۾ مارڻ چاهي ٿو. ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت وٽ پهلگام واقعي جي ڪا به وضاحت ناهي، اهو ڀارت پاڻ ڪرايو هو. مشعال ملڪ آرمي چيف جنرل عاصم منير جي شڪرگذاري ڪندي چيو ته دنيا کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ ۾ انهن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڪشمير جو مسئلو رڳو گڏيل قومن جي ٺهرائن تحت ئي حل ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳ مشعال ملڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ به پهتي، جتي عهديدارن سندس اجرڪ سان آجيان ڪئي. هن چيو ته ڀارت گذريل ڇهن سالن دوران پنجاهه لک ڀارتين کي ڪشمير جا پاسپورٽ جاري ڪري، مقامي آباديءَ کي اقليت ۾ بدلائڻ جي سازش ڪري رهيو آهي. مشعال ملڪ ٻڌايو ته سندس مڙس ياسين ملڪ کي ڊيٿ سيل ۾ رکيو ويو آهي، جتي هو مختلف بيمارين جو شڪار آهي، پر علاج نه ٿو ڪرايو وڃي. هن وڪيلن کان اپيل ڪئي ته هو آواز اٿارين، ۽ چيو ته پاڪستان کي محمد علي جناح جهڙن وڪيلن جي ضرورت آهي.