ارڙهين ترميم تي ن ليگ جو وار،رضا رباني کي بلاول ڀٽو ميدان ۾ لاهي ڇڏيو؟

لاهور(امداد سومرو)مسلم ليگ نواز هڪ نئون  سياسي محاذ کولي ڇڏيو آھي، ۽ ان تي پيپلز پارٽي سخت ردعمل ظاهر ڪيو آھي.بلاول ڀٽو مسلم ليگ ن خلاف ميدان ۾ پنهنجو تجربيڪار رانديگر لاهي ڇڏيو آھي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻنهي اتحادي جماعتن ۾ رنجش وڌي چڪي آھي،وفاقي وزير احسن اقبال ڪجهه ڏينهن اڳ اين ايف سي ايوارڊ تي ڳالهه ڪئي، چيائين ته صوبن کي ڏنل 57.5 سيڪڙو حصو وفاق لاءِ بار بڻجي چڪو آھي، تنهنڪري ان کي گهٽائڻ گھرجي.پر هتي هڪ ڳالهه واضح آھي2009ع جي ارڙهين ترميم ۾ آئيني طور فيصلو ڪيو ويو ته صوبن کي ڏيندڙ حصو گهٽائي نٿو سگھجي،صرف وڌائي سگھجي ٿو يا برقرار رکي سگھجي ٿو.رضا رباني، جيڪو ارڙهين ترميم جو مرڪزي ڪردار رھيو آھي، ھن پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ بلاول ڀٽو سان ملاقات پڻ ڪئي.رضا رباني چيو ته اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گھٽائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آھي.وفاقي وزير اختيار نه ٿا رکن ته صوبن کي چيو وڃي ته شيئر گھٽايو.پئٽروليم ليـوي کي قابلِ تقسيم آمدنيءَ مان ڪڍڻ پڻ صوبن سان زيادتي آھي.نون معدني وسيلن جا معاهدا آمريڪا سان ڪيا ويا آھن، جن ۾ صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو.رضا رباني واضح ڪيو ته وفاق خودمختياريءَ خلاف ڪم ڪري رهيو آھي، ۽ ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مراد علي شاهه، مريم نواز، سرفراز بگٽي، علي امين گنڊاپور  ڪنهن کي به اعتماد ۾ نه ورتو ويو آھي.ان مان صاف لڳي ٿو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم شهباز شريف کي سڌي ريت خبردار ڪرڻ بدران، پنهنجن ساٿين کي اڳتي آندو آھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.