ملڪ رياض لاءِ ڊيل جا در بند ٿي ويا؟

اسلام آباد(طلعت حسين)پاڪستان جي سياستدانن کي اليڪشن کٽرائڻ وارو،ميڊيا مالڪن ۽ صحافين کي مال کارائڻ وارو،ملڪ جي ڪجهه رياستي ادارن ۾ پئسا ڏيڻ وارو ۽ پاڪستان ۾ اربين ڊالر ٺاهڻ وارو ملڪ رياض ملڪ اندر ٻه نمبري جو استعارو بڻيل هو،اها ڪامياب قسم جي ”ٻه نمبري“ تڏهن هوندي آهي جڏهن توهان سان رياست جا ادارا،سياستدان،سول توڙي فوجي ڪاموراشاهي،صحافي ۽ معيشت هلائڻ وارا گڏ هجن،ملڪ رياض جي ڪيس ۾ به ايئن ئي هو،ملڪ رياض ريئل اسٽيٽ ذريعي پاڪستان کي ڪنٽرول ڪندو هو هاڻي منٿون ۽ گيسيون ڪري رهيو آهي،سوشل ميڊيا ويب سائٽن تي درمنداڻيون اپيلون ڪري رهيو آهي،وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ رياض کي هڪ باوقار ڊيل جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن اهو موقعو هٿان وڃائي ڇڏيو،ٻئي پاسي ملڪ رياض پاڪستان ۾ تمام گهٽ جائيداد ڇڏي ويو آهي،هن تي دبئي جي زمين به تنگ ٿي رهي آهي،اسٽيبلشمينٽ جو گڏيل عرب امارتن ۾ به اثر رسوخ آهي،امڪان آهي ته ملڪ رياض دبئي کان ترڪيه منتقل ٿي سگهي ٿو ڇو ته هن جا اتي به تمام گهڻا اثاثا آهن،اتي به پاڪستان جي اثر رسوخ سبب ملڪ رياض لاءِ قيام ممڪن ناهي،پاڪستان ۾ هن لاءِ ڊيل جو دروازو بند ٿي چڪو آهي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 07 آگسٽ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.