حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ڄام تماچي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته درياهه ۾ چاڙهه باوجود سنڌ جي واهن ۽ شاخن ۾ پاڻيءَ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، جنهنڪري بيٺل فصل سڪي رهيو آهي، آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااهليءَ سبب هارين ۽ آبادگارن کي اربين رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي. واهن ۽ شاخن جي کاٽيءَ جا پئسا به پيپلز پارٽي هڙپ ڪري ڇڏيا آهن جنهن ڪري واهن ۽ شاخن کي گهارا لڳي رهيا آهن. اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ڪمپنين کي پاڻي پهچائڻ لاءِ سنڌ جا واهه آهستي آهستي ختم ڪيا پيا وڃن، انڪري کاٽيءَ جي پئسن ۾ ڪرپشن حڪومتي پاليسي بڻجي وئي آهي، ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي بيانن تي اڳواڻن چيو آهي ته پاڪستان جي آمريڪا سان ويجهڙائي ايم ڪيو ايم جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وڌو آهي، ايم ڪيو ايم پاڪستان خلاف آمريڪي پراڪسي آهي، عالمي سامراجي قوتون ايم ڪيو ايم وسيلي ملڪ ۾ گهرو ويڙهه ڪري ملڪ ٽوڙائڻ چاهن ٿيون. ايم ڪيو ايم اسرائيل جيان ڪراچي کي به آمريڪي هٿيارن جو اڏو بڻائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، ايم ڪيو ايم ۽ نيتن ياهو جي اسرائيلي حڪمرانن جا مقصد ساڳيا آهن، ٻئي خطي ۾ دهشتگردي پکيڙي اصلوڪن ڌرتي ڌڻين جي نسل ڪشي ڪري آمريڪي سامراج جي مفادن جا محافظ آهن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڳٺ جوڙ ملڪ ۾ لساني فساد ڪرائڻ چاهي ٿو.