ڪراچي (رپورٽر) مسلسل ڏيڍ مهيني کان ڪئمپ قائم ڪري آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ ماستري جي اميدوارن ڪالهه پنهنجيمطالبن جي مڃتا لاءِ ريڊ زون ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي روڪڻ لاءِ پوليس رنڊڪون هڻي روڪي ڇڏيو، ان مارچ جي اڳواڻي صدام سانداڻو، عبدالغفار ۽ خميس علي ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته هو مسلسل ڏيڍ مهيني کان ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڏينهن رات ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪري رهيا آهن پر ڪو نه حڪومتي نمائندو هنن وٽ لڙي نه آيو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته اڄ ڪراچي پريس ڪلب کان اسلام آباد پيادل مارچ شروع ڪيو ويندو. احتجاج ڪندڙ اڳواڻن صدام سانداڻو ۽ عبدالغفار جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي غلط پاليسي ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي لالچ ۽ سستي جي ڪري 7 کان 8 هزار اميدوار آفر آڊر کام محروم ٿي ويا. هنن مطالبو ڪيو ته ڀرتين جو مدو وڌائي سڀني 40 ۽ ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي. سڀني آئي بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 40 ۽ ان کان وڌيڪ نمبر حاصل ڪندڙ اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ تائين هي تحريڪ جاري رهندي .