اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ مينهن کان پوءِ برساتي نالا اٿلي پيا، پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، مارگلا جي جبلن تي گذريل رات واري برسات کان پوءِ برساتي نالا ڀرجي ويا، جنهن سبب نيو چٺا بختاور ۽ نيو مل اوڀر وارن علائقن ۾ برساتي وهڪرن جو پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو، ڪيترن ئي گهرن جو سامان ۽ فرنيچر وهي ويو،گاڏيون به پاڻي ۾ ڦاسي پيون، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ قيد ٿي ويا، ان کان سواءِ بارا ڪوهه، سوان ۽ پي ايڇ اي فليٽس ۾ به پاڻي گهرن اندر داخل ٿي ويو، ٻئي پاسي برساتي نالن ۾ چاڙهه سبب ڳوٺ پل جا حفاظتي بند متاثر ٿيا آهن، جنهن بعد ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو.