ڪراچي/سکر/حيدرآباد(نمائندا) پاڻي تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن، ڏوھن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي پھرئين ڏينھن سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ حيدرآباد ۾ قاسم آباد جي علائقي نسيم ننگر چوڪ تي ضلعي صدر نظير بليدي،نائب صدر بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، راجا چانڊيو، راول سيال، نور حسن جمالي، سنڌياڻي تحريڪ جي نصرت خاصخيلي، ماروي خاصخيلي، امداد پنھور، اعجاز سومرو، اشرف پليجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ڊگھڙي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي انور نوحاڻي، شوڪت نوحاڻي، بابو نوحاڻي، علي رضا نوحاڻي ۽ ٻين ڪئي. ٽنڊو محمد خان ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ طرفان پارٽي جي مرڪزي سڏ تي پريس ڪلب اڳيان ضلعي صدر ھاشم ڪنڀر، رمضان رند، اياز لطيف رند، اورنگزيب ڪنڀر، منظور رند، علي غلام رند، سادو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. بدين ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن ڪارڪنن سان گڏجي پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت اڳيان عبدالله چانڊيو، بچل احمداڻي، سانول گوپانگ، حسين درس، گل حسن چانڊيو، شازيه احمداڻي، بختاور جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. ڪرپشن سمورن ادارن کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون ۽ وسيلا کڻي وڃو. تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ کپي ته سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي، زمينن تي قبضن ، ميرٽ جي لتاڙ ۾ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ملوث آهي،پيپلز پارٽي امير سنڌ کي ڪرپشن ،بک، بدحالي ۽ بيروزگاري کانسواءِ ڪجھ ناھي ڏنو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، آھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن به آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿي هن چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي.