بحريا ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي، ملڪ رياض جون منٿون

اسلام آباد (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض جي تعميراتي منصوبي بحريا ٽائون جي ٻن ڪارپوريٽ آفيسن سميت اربين رپين جي ماليت واري ڇهن جائيدادن جي نيلامي لاءِ 7 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪئي آهي، نيب طرفان انهن جائيدادن جي نيلامي جي تاريخ جو تعين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱاري تي ٻڌايل ان فيصلي کان پوءِ ڪيو ويو، جنهن ۾ ملڪ رياض ۽ بحريا ٽائون جي انتظاميا پاران احتساب عدالت جي فيصلي بعد نيلامي روڪرائڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستون رد ڪيون ويون، سرڪاري ذريعن موجب، نيب مطابق ملڪ رياض جي ملڪيتن جي نيلامي 7 آگسٽ 2025 تي اسلام آباد جي سيڪٽر جي-سڪس-ون ۾ واقع نيب راولپنڊي جي آفيس ۾ ٿيندي، احتساب عدالت جي فيصلي بعد نيب ان سلسلي ۾ مختلف اخبارن ۾ اشتهار به شايع ڪرايا، جن ۾ انهن جائيدادن جا تفصيل به ڏنل هئا، جيڪي 7 آگسٽ تي نيلام ڪيون وينديون، انهن سڀني جائيدادن جي نيلامي جو حڪم احتساب عدالت ان وقت ڏنو هو، جڏهن ٽن الڳ الڳ ڪيسن ۾ ملڪ رياض کي اشتهاري قرار ڏنو ويو هو، انهن ٽنهي ڪيسن مان هڪ ڪيس اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خلاف 190 ملين پائونڊ وارو آهي، جنهن ۾ احتساب عدالت پيش نه ٿيڻ جي بنياد تي ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض کي اشتهاري قرار ڏنو هو، انهن ڪيسن ۾ فيڪ بئنڪ اڪائونٽ ڪيس به شامل آهي، جڏهن عمران خان خلاف 190 ملين پائونڊ وارو ڪيس هلي رهيو هو، تڏهن ملڪ رياض جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته هو ڪنهن جي خلاف به وعده معاف گواهه نه بڻجندو، ان کان سواءِ ملڪ رياض خلاف هڪ ٻيو ڪيس راولپنڊي جي احتساب عدالت ۾ پڻ زيرِ سماعت هو، احتساب عدالت جن جائيدادن جي نيلامي جو حڪم ڏنو، اهي راولپنڊي ۽ اسلام آباد جي حدن اندر واقع آهن، اهي سڀئي جائيدادون واپاري بنيادن تي هلايون پئي ويون، انهن ملڪيتن ۾ بحريا ٽائون جون ٻه ڪارپوريٽ آفيسون، هڪ تعليمي اداري جي عمارت، سفاري ڪلب، هڪ شادي هال ۽ سينيما گهر به شامل آهن، انهن جائيدادن ۾ نيب بحريا ٽائون جي ڪمرشل ايريا ۾ واقع سينيما گهر جي قيمت هڪ ارب ڏهه ڪروڙ رپيا تجويز ڪئي آهي، جڏهن ته هڪ انٽرنيشنل اڪيڊمي جي عمارت جي نيلامي جي ٻولي هڪ ارب ست ڪروڙ رپين کان شروع ٿيندي، ان کان سواءِ  بحريا ٽائون اسلام آباد ۾ واقع سفاري ڪلب جي قيمت هڪ ارب چويهه ڪروڙ رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ٻي پاسي پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض ڪالهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته، گذريل ڪجهه مهينن دوران حڪومتي ادارن طرفان لاڳاتار بي مثال دٻاءُ، درجنين اسٽاف ميمبرن جون گرفتاريون، ڪمپني جا سڀ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ، عملي جون گاڏيون ضبط ڪرڻ ۽ ٻين سخت قدمن سبب بحريا ٽائون جا آپريشنز سڄي ملڪ ۾ سخت متاثر ۽ مفلوج ٿي چڪا آهن، اسان جي مالي رواني مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪي آهي، روزاني سروسز فراهم ڪرڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي، اسين پنهنجن ڏهن هزارن کان وڌيڪ اسٽاف جي پگهارن جي ادائيگي جي قابل ناهيون رهيا، ۽ حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون آهن جو اسين پاڪستان ۾ بحريا ٽائون جون سڀ سرگرميون مڪمل طور تي بند ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهيون، اسين اڃا تائين ان آخري قدم کان هڪ قدم پري ضرور آهيون، پر زميني حالتون هر لمحي سان وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن، ملڪ رياض وڌيڪ لکيو ته هي صورتحال ان اداري جي بنيادي ڍانچي کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري چڪي آهي، جيڪو پنجاهه هزار محنتي ماڻهن تي مشتمل آهي، ڪيترائي سينيئر ملازم اڃا تائين لاپتا آهن، سروسز معطل آهن، ترقياتي منصوبا روڪجي چڪا آهن، ۽ اسان جي ڪميونٽيز ۾ روزمره جي سار سنڀال ۽ سهولتن جي فراهمي سخت متاثر ٿي چڪي آهي، هي صورتحال اسان جي پياري وطن جي معيشت لاءِ به ڪنهن سخت بحران کان گهٽ ناهي، ڪراچي کان لاهور ۽ اسلام آباد تائين بحريا ٽائون ۾ لکين پاڪستانين جي کربين رپين جي سيڙپڪاري منجمد ٿي چڪي آهي، سوين ارب رپين جا ڪمرشل منصوبا مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي بند ٿي چڪا آهن، هزارين خاندان بي يقيني ۽ ذهني اذيت جو شڪار آهن، اسان پنهنجي لکين رهواسين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کان دل جي گهراين سان معذرت خواها آهيون، جن کي اسان جي مجبوري سبب پريشانيءَ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، مان پنهنجي سڀني مصيبت ۾ ڦاٿل خاندانن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو، جيڪي انهن بي رحم حالتن ۾ به صبر ۽ حوصلي جو دامن نه ڇڏيو. پر انهن سڀني مشڪلاتن جي باوجود، اسان جو پاڪستان سان عشق، وفاداري ۽ خدمت جو جذبو اڄ به جيئن جو تيئن قائم آهي، ملڪ رياض پنهنجي پيغام جي پڄاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته آخر ۾ مان دل جي گهراين سان آخري اپيل ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان کي سنجيده ڳالهه ٻولهه ۽ باوقار حل ڏانهن واپسي جو موقعو ڏنو وڃي، ان مقصد لاءِ اسين ڪنهن به ثالثي ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان جي فيصلي تي سئو سيڪڙو عملدرآمد جو يقين ڏياريان ٿو، ۽ اهو به يقين ڏيان ٿو ته جيڪڏهن ثالثي جو فيصلو اسان کان رقم جي ادائيگي جو طلبگار هوندو ته اسين اها ادائيگي يقيني بڻائينداسين، اسان دل ۽ جان سان پاڪستان جي عوام ۽ رياست جي مقتدر ترين ادارن لاءِ تن، من، ڌن قربان ڪرڻ جو جذبو رکون ٿا،  اسين پنهنجي پيارئي وطن لاءِ پنهنجون خدمتون جاري رکڻ چاهيون ٿا، نه ته انهن حالتن ۾ ماٺ ڪري الوداع چئون ها.

ملڪ ۾ ملڪ رياض جهڙن ماڻهن کي طاقت وٺرائيندڙ نظام ورهين کان موجود

اسلام آباد (سيد طلعت حسين) ملڪ رياض جي ملڪيتن کي نيب نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ملڪ رياض عدالت سان رابطو ڪيو، عدالت چيو ته نيلامي جاري رکي وڃي. يعنيٰ رياست جڏهن ڪنهن طاقتور جيخلاف زور لڳائي ته رياست کٽي ويندي آهي، اهو طاقتور شخص يا جٿو ناهي کٽي سگهندو. معاملو اهو ناهي ته ملڪ رياض جون جيڪي ملڪيتون هتي بچيون آهن انهن کي نيلام ڪيو پيو وڃي، معاملو اهو آهي ته رياست ڪيئن ملڪ رياض کي ائين ڪرڻو ڏنو ته هو ڊگهو وقت سموري نظام کي يرغمال بڻائي رکي ۽ ايترا اثاثا ٺاهي جيترا قومي ناڻي کان به 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ملڪ کي جن ناڻي جي ذخيرن تي اعتماد هوندو آهي ته اسان جي معيشت هيتري آهي، ملڪ رياض جي مال جو ڪاٿو لڳائجي ته اهو 50 سيڪڙو وڌيڪ هوندو.  پاڪستان جي معيشت ۾ مال ٺاهڻ جي ايتري سگهه آهي ته رياست پاڻ ان کي فائدي لاءِ استعمال ڇو نٿي ڪري؟ هڪ ڏهائي 2 بلين لاءِ اوهان کي آءِ ايم ايف ڇو وڃڻو پوي ٿو جڏهن ته هتي 32 ڏهائي 2 بلين وارا ماڻهو موجود آهن. انهن ماڻهن پاڪستان مان ئي مال ٺاهيو آهي. پوءِ اوهان چئو ٿا ته ان وٽ خدائي ڏات هئي، خدائي ڏات گهڻن ماڻهن وٽ هوندي آهي. پوءِ وڏا وڏا ادارا چوندا آهن ته ملڪ رياض کي عدالتن مان ڇوٽ نه ملندي. ان سان ملڪ رياض تي ڪو فرق نه پوندو. ميڊيا، سروسز، بيوروڪريسي، اسٽيبلشمينٽ سميت ٻيا ماڻهو ملڪ رياض کان پيسا وٺندا رهيا آهن. ملڪ رياض چوندو هو ته مان ماڻهو جي رٽائر ٿيڻ کان اڳ ڏسندو هيس ته ڪنهن کي ڪٿي مقرر ڪرڻو آهي. ايتري طاقت کيس رياست ڏني هئي. اسان هاڻي سندس بچيل ملڪيتن کي نيلام ڪري ڪاوڙ ڪڍي رهيا آهيون پر ملڪ رياض ته رڳو هڪ مثال آهي، اوهان کي ته ان نظام تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪو اهڙي واردات کي ٿيڻ ڏئي ٿو. هر سال اهڙي واردات ٿيندي آهي ۽ ڏهاڪن کان ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙو نظام ان مان فائدو کڻي ٿو. ملڪ رياض چوندو هو ته صوبائي اسيمبليون منهنجي کيسي ۾ آهن، بي اعتمادي رٿ لاءِ مون سان رابطو ڪريو، اها طاقت وٽس ڪٿان آئي هئي؟ اها طاقت ملڪ رياض جي نه پر ان نظام جي آهي جنهن کيس طاقت ڏني. ملڪ رياض جو احتساب ظاهر ڪيو پيو وڃي پر ٻئي پاسي سمورو پيسو ٻاهر وڃي چڪو آهي، سندس ڪٽنب ٻاهر موجود آهي، هو وچ اوڀر ۾ پنهنجا منصوبا آڻي رهيو آهي. ترڪي ۾ سندس موجودگي آهي. هن پنهنجي بهترين زندگي گذاري ورتي آهي. هاڻي اوهان ملڪيت نيلام ڪري ظاهري طور ڏيکاري رهيا آهيو ته اوهان وڏو ڪم ڪيو آهي پر اوهان کي ان ۾ ڪا جان نظر نٿي اچي. نظام کي جيڪا سهولت ڏيڻي هئي اها ڏئي چڪو ۽ فائدو وٺي چڪو آهي. ان سان لکين ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن ۽ هزارين طاقتور اهڙا آهن جيڪي فائدا وٺي ويهي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو اڄ به خاموشي سان ڪن بند ڪيون ويٺا آهن. ملڪ رياض جي ملڪيتن جي نيلامي سان سندس اها موجودگي ختم نٿي ٿئي.

اسپتال تي ايف آءِ اي جو ڇاپو، بحريا ٽائون جو لِڪايل رڪارڊ هٿ

اسلام آباد(م ڊ) ايف آءِ اي بحريا ٽائون جي مالي رڪارڊ جي بحالي لاءِ هڪ نجي فلاحي اسپتال تي ڇاپو هنيو، جتان بي ضابطگين جي جاچ سان لاڳاپيل دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن، ڇاپي دوران ايف آءِ اي جي ٽيم لڪايل ڪمپيوٽر سرورز، ڊجيٽل شاهديون ۽ ڊيٽا به هٿ ڪيو، سڄو رڪارڊ گيسٽ روم ۾ لڪايو ويو هو، جڏهن ته اسپتال جي نجي ايمبولينس کي اها معلومات منتقل ڪرڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جي طور تي استعمال ڪيو پئي ويو، بحريا ٽائون جي انتظاميا پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نجي اسپتال کي فرنٽ آفيس طور استعمال ڪيو ۽ اهم رڪارڊ کي نظرن کان لڪائڻ لاءِ به ان جو استعمال ڪيو، ان رڪارڊ ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مختلف منصوبن جون فائيلون ۽ ٻيو رڪارڊ به شامل آهي.

”ڪنگ ميڪر“ بي يارومددگار ٿي ويو؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا) ملڪ رياض پاڪستان ۾ ”ڪنگ ميڪر“ رهيو آهي.وزيراعظمن جي مقرري،نيب چيئرمين،اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپااهي سڀ معاملا ملڪ رياض جي اثر هيٺ رهيا آهن،پر هن وقت ملڪ رياض هڪ ڪنڊ ۾ ڦاٿل آهي حڪومت ۽ عمران خان ٻنهي طرفان پريشر ۾ آهي،هن جا طاقتور حلقن سان لاڳاپا هاڻ بي معني ٿي ويا آهن،ملڪ جي سياست ۾ "ڪنگ ميڪر” به هاڻ بي يارو مددگار نظر اچي رهيو آهي،هن تي عمران خان خلاف ڪيس ۾ واعدا معاف گواهه بڻجڻ لاءِ وڏو دٻاءُ آهي.

ملڪ رياض پاڪستاني معيشت ٺپ ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي؟

اسلام آباد/لاهور (عمران شفقت) ملڪ رياض هڪ ٽوئيٽ ۾ چتاءُ ڏنو آهي ته مان اڃا هڪ قدم پوئتي آهيان. ملڪ رياض جو ٽوئيٽ هڪ ڌمڪي آهي، هو چاهي ٿو ته مون سان ڊيل ڪريو نه ته پاڪستان جي معيشت ڏچي ۾ پئجي ويندي جيڪو ادارن کي سمجهه ۾ نٿو اچي. ادارن مان مراد، فيلڊ مارشل، صدر، وزيراعظم آهن. ملڪ رياض ٽوئيٽ ۾ چوي ٿو ته اسان جا آپريشن معطل ٿي چڪا آهن، بحريه ٽائون بند ٿي چڪو آهي، اسان جي اربين رپين جي سيڙپڪاري رڪيل آهي، 50 هزار ملازمن کي پگهارون نٿا ڏئي سگهون، ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هي ڪيفيت اسان جي پياري وطن جي معيشت لاءِ به ڪنهن سخت بحران کان گهٽ ناهي، ڪراچي کان لاهور ۽ اسلام آباد تائين بحريه ٽائون ۾ لکين پاڪستانين جي کربين رپين جي سيڙپڪاري منجمد ٿي چڪي آهي. اربين رپين جا ڪمرشل منصوبا پورا ٿيڻ کان اڳ ڍير ٿي چڪا آهن، اڄ به يقين آهي ته اڳتي هلي پاڪستان جا ادارا انصاف، عقل ۽ تدبر کان ڪم وٺندا ۽ اسان کي هن ڏکئي موڙ مان ٻاهر نڪرڻ ۾ هاڪاري ڪردار ادا ڪندا، مان تيار آهيان. يعنيٰ هو آڇ ڪري رهيو آهي ۽ اهو چئي رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ٺپ ڪرڻ کان اڳ مان هڪ قدم پوئتي آهيان. سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا سندس آڇ قبول ڪئي ويندي؟ ملڪ رياض جي سسٽم خلاف وڏي ڪارروائي جي ضرورت آهي پر ائين نٿو لڳي ته سگهي ائين ٿي سگهي ٿو، اهو ڏکيو آهي. بحريه ٽائون ۾ ايترا پلاٽ ناهن، جيترا فائلن ۾ پيسا ڦاٿل آهن. ماڻهو جڏهن فائل کڻي پڇندا ته پيسا ڪٿي آهن ته اهو حڪومت تي پريشر ايندو. ملڪ رياض ته وڏي پئماني تي سڀ ڪجهه کڻي وڃي چڪو آهي، هڪ هزار ارب رپين جي مني لانڊرنگ ٿي چڪي آهي. جڏهن حالتون ٺيڪ ٿينديون اچي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.