سنڌ جو ضلعو ٿرپارڪر جنهن کي قدرتي وسيلن جي دولت سان مالامال تصور ڪيو ويندو آهي،اڄ اھو خطو وسيلن جي نالي تي انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو مرڪز بڻجي چڪو آهي،ٿرڪول بلاڪ ون جي هيٺان ٿيندڙ مائيننگ سرگرمين سبب خاص طور تي ڳوٺ کاريو غلام شاھ سخت متاثر ٿيو آهي،هي ڳوٺ کاريو غلام شاھ جيڪو 1500 انساني آباديءَ تي ٻڌل آهي،ھن ڳوٺ ۾ سيد،مھراڻپوٽن ۽ ميگھواڙن سميت ٻيون برادريون رھن ٿيون،اسلام ڪوٽ تعلقي جو ھي ڳوٺ کاريو غلام شاھ جيڪو يونين ڪائونسل به آھي،ڄاڻايل ڳوٺ جيڪو ڪنھن به ڪوئلي جي بلاڪ ۾ ته نٿو اچي پر بلاڪ ون جي ٿيندڙ مائننگ سبب متاثر ٿي رھيو آھي،ٿرڪول بلاڪ ون منصوبو جيڪو ملڪ جو وڏي ۾ وڏو اوپن پٽ مائننگ منصوبو آھي،جنھن جي رڳو مائننگ به ڪلوميٽرن تي پکڙيل آھي انھي مائننگ مان کوٽائي ذريعي نڪرندڙ مٽي ڊمپنگ ڪندي ڪندي اچي ڳوٺ کاريو غلام شاھ تائين پھتي آھي،
ڪھڙا ڳوٺ ڪوئلي جي کوٽائي دوران متاثر ٿي رھيا آھن انھن کي ڪمپنيون ڪنھن حد تائين فيسليٽيٽ ڪرڻ جو. ڪوششون ڪري رھيون آھن ته ٻيا متاثر ٿيندڙ اھڙا ڳوٺ آھن جيڪي ظاھري طور ڪوئلي جي مائننگ ۾ نه ٿا اچن پر مائننگ جي ڊمپنگ جي ڪري متاثر ٿي رھيا آھن ته انھن کي ڪمپنين ڪول ايريا کان ٻاھر ڄاڻائي ڇڏي ڏنو آھي،ڳوٺ کاريو غلام شاھ اھو واحد ڳوٺ آھي جيڪو بلاڪ ون جي ڊمپنگ سبب مڪمل طور تي متاثر ٿي چڪو آھي ڄاڻايل بلاڪ جي مٽي واري ڊمپنگ ھن ڳوٺ جي مڪمل پنھنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آھي،ڪوئلي جي کوٽائي دوران نڪرندڙ مٽي جون وڏيون وڏيون ڀٽون رھي چڪيون آھن جيڪي کاريو غلام شاھ جي گھرن جي ڍڪي بيٺل آھن انھن ڊمپنگ تان اٿندڙ مٽي،دز ۽ دونھين ڳوٺ ۾گدلاڻ پکيڙي ڇڏي آھي،ڏينھن ۽ رات گھرن تي مٽي برسات جيان وسندي رھي ٿي،اھڙي صورتحال ۾ ڳوٺاڻن جو گھرن اندر رھڻ مشڪل ٿي پيو آھي،ڏينھن ۽ رات ماحولياتي گدلاڻ صحت لاءِ وڏا مسئلا کڙا ڪري رھي آھي جنھن سبب آسپاس جا رھواسي ساھ کڻڻ جي تڪليف ۾ مبتلا ٿي رھيا آھن ۽ مختلف بيماريون جنم وٺي رھيون آھن،ھي ڳوٺ هاڻي مڊسلائيڊنگ (زمين وهجڻ)ڌوڙ،دونھون،شور ۽ ٻين تباهڪارين جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي،کاريو غلام شاھ ڳوٺ نه صرف انساني وسندي آهي پر هتي مذهبي ۽ ثقافتي ورثو به موجود آهي،افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ڳوٺ ۾ موجود ٻن تاريخي درگاهن کي مڊسلائيڊنگ مڪمل طور تباھ ڪري ڇڏيو آهي،ان سان گڏ وڏڙن جا قبرستان به سڌي طرح متاثر ٿيا آهن جيڪي نه رڳو ڳوٺاڻن جي عقيدت جو مرڪز هئا پر تاريخي اهميت به رکن ٿا،هي تباهي رڳو ماحولياتي نقصان ناهي پر اهو مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ ورثي تي حملو آهي،مائيننگ ايريا جي هڪدم ڀرسان انساني آبادي جو هجڻ عالمي معيارن جي خلاف آهي ۽ اهو هڪ وڏو خطرو آهي ڇاڪاڻ ته اهڙي جاءِ تي رهڻ سان مقامي ماڻهن جي صحت،تحفظ ۽ معيشت کي سڌو سنئون نقصان رسڻ جو امڪان وڌي ٿو،کاريو غلام شاھ وارا نه رڳو مٽي جي ڌوڙ ۽ دونھن سبب ساھ جي بيمارين جو شڪار ٿي رهيا آهن پر روزانو لڳاتار هلندڙ مشينن ۽ ڌماڪن سبب نوائس پوليشن جو به شڪار آهن،جيڪا ذهني صحت تي انتهائي خراب اثر وجهي رهي آهي،
ڪمپني ۽ سرڪاري ادارن طرفان ڳوٺ کي مڪمل نظرانداز ڪرڻ ڳوٺاڻن لاءِ سخت مايوسيءَ جو سبب بڻيو آهي ڳوٺاڻا پنهنجا مسئلا لکيت طور تي هڪ پروفائيل جي صورت ۾ ڪمپني ۽ حڪومتي نمائندن تائين پهچائي چڪا آهن پر ان جي باوجود ڪنهن به نمائندي ان ڳوٺ جو دورو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي انهن جي مسئلن جو نوٽيس ورتو ويو آهي هن صورتحال کي ڏسندي ڳوٺاڻن سان ٿيندڙ اهو ورتاءُ نه رڳو غير قانوني آهي پر انساني حقن جي به کليل ڀڃڪڙي آهي ڪنهن به انساني وسندي کي مائيننگ جي نالي تي آئسوليٽ ڪرڻ ان جي رهواسين کي بنا رضامنديءَ جي تڪليف ۾ وجهڻ عالمي انساني حقن جي اصولن جي ابتڙ عمل آهي،ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته ڪول مائيننگ جي ڊمپنگ اسان جي گھرن مٿي اچي پھتي آھي،جنھن سبب اسان جو رھڻ مشڪل ٿي پيو آھي،ڏينھن ۽ رات تيز ھوائن سان اڏامندڙ مٽي گھرن تي برسات وانگر وسندي رھي ٿي،انھي ڪري پيئڻ جي پاڻي سميت کاڌي پيتي ۾ به مٽي پئجي رھي آھي جھرجھنگ ۾ مائيننگ جي مٽي وڻ ٻوٽن تي ڪري رھي آھي چوپايو مال اھو مٽي سان لٽيل ٻوٽا کائڻ سبب پيٽ جي بيمارين ۾ وٺجي مري رھيو آھي جنھن سبب مالوند کي وڏو نقصان ٿي رھيو آھي،ڏز مٽي اڏامي کائڻ جي شين اندر پوڻ ڪري اسان پاڻ بيمارين ۾ مبتلا ٿي رھيا آھيون،ڳوٺ ۾ چمڙي جون بيماريون پکڙجي ويون آهن،اسان جي ساھ کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿي رھي آھي رات وات ٻاھر آسمان ھيٺ سمھي نه ٿا سگھون صبح جو اٿڻ مھل مڪمل مٽي سان لٽيل ھجون ٿا لڳي ايئن ٿو جھڙو قبر مان ڪنھن ڪڍيا ھجن،ايڏي وڏي ظلم،تباھي جي باوجود ڪمپنين ڪا داد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي،جڏھن دانھن ڪوڪ ڪيون ٿا ته ڪمپنيون چون ٿيون ھي ڳوٺ اسان جي ايريا کان ٻاھر آھي،ھاڻي ھنن کي ڪير سمجھائي ته اسان اوھان جي ھن مائننگ جي ڪري متاثر ٿي رھيا آھيون اھا مائيننگ ته اوھان جي آھي پر ھتي ڪير به دانھن نه ٿو ٻڌي،ڪمپنيون سمورو ڪم عالمي قانون جي ابتڙ ڪري رھيون آھن،انساني حقن جي لتاڙ ٿي رھي آھي انھيءَ کي نظر ۾ رکي اڄ ڏينھن تائين ڪو ڪم ناھي ڪيو ويو،اسان ڪافي دفعا ڪمپنين کي لکيو آھي ۽ احتجاج به ڪيو آھن بار بار مطالبو ڪندا رهيا آھيون ته ڳوٺ کاريو غلام شاھ جو وزٽ ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن پر ڪمپنين بعد ضلعي انتظاميا به دانھن نه ٿي ٻڌي،