ڪراچي، جيڪا اڳ ئي ڏوهاري سرگرمين، اسٽريٽ ڪرائم ۽ پوليس جي نااهليءَ سبب لاچار بڻيل آهي جتي پوليس عام ماڻهو لاءِ محافظ بدران رھزن بڻيل آھي اتي گذريل رات هڪ ٻيو خوني باب لکجي ويو جتي پوليس جي مبينا پرائيويٽ اهلڪارن ٿاڻي اندر هڪ بيگناھ نوجوان جي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو اهو واقعو شاھ لطيف ٿاڻي اندر پيش آيو جتي شاهدن جي بيان موجب ڪجهه ماڻهو جيڪي پوليس جا مبينا پرائيويٽ اهلڪار ٻڌايا پيا وڃن هڪ نوجوان کي قائدآباد چوڪ وٽان گرفتار ڪري ٿاڻي کڻي آيا نوجوان کي ٿاڻي کڻي اچڻ بعد سندس سان انھن اھلڪارن جي تلخ ڪلامي ٿي ان دوران بحث وڌي ويو ۽ نتيجي ۾ کيس پرائيويٽ اھلڪارن پاران مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته قاتل سرڪاري اھلڪار به ناھن ۽ سندن حيثيت قانوني طور واضح نه آهي ڪڏھن کين پوليس رضاڪار طور ظاھر ڪيو پيو وڃي ته ڪڏھن مقرر ٿيل ايس ايڇ او جا پرائيويٽ ماڻھون پيا ٻڌايا وڃن بيگناھ نوجوان جي کي قتل ڪرڻ بعد پوليس کيس ڏوھاري قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا پوليس جي روايت رھي آھي پر سوچڻ جھڙي ڳالھ اھا آھي ته جيڪڏهن مقتول نوجوان ڏوھاري ھيو ته پوليس ڪنھن ڪيس ۾ سندس گرفتاري ظاھر ڇو نه ڪئي نوجوان جي بي رحماڻي قتل بعد ڪرائيم سين مٽائڻ لاءِ فوري طور تي واقعي واري ھنڌ فرش ڌوئي شاھديون مٽايون ويون ان کانپوءِ ٿاڻي اندر لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جو رڪارڊ پڻ گم ڪيو ويو آھي. گذريل رات دير تائين ايس ايس پي ملير جو ٿاڻي تي موجود ھجڻ باوجود اعليٰ آفيسر ڪنھن به ميڊيا ٽاڪ ۽ معاملي متعلق ڪنھن بيان ڏيڻ کان لنوائيندا رھيا. آخرڪار سوشل ميڊيا جي دٻاءُ سبب نوجوان جي قتل جو ڪيس ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اھلڪارن مٿان داخل ڪري ڪيس ۾ قتل ۽ نوڪري ۾ غفلت شاھديون مٽائڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن مقتول جي وارثن صاف لفظن ۾ الزام هنيو آهي ته پوليس جي پٺڀرائي سان ڪم ڪندڙ خانگي ماڻهو بنا ڪنهن قانوني جواز جي سندن نوجوان کي ماريوآهي.
سوال اهو آهي ته پوليس پرائيويٽ اهلڪارن کي هٿيارن سان ڇو گھمائي رهي آهي جيڪڏهن نوجوان ڏوهي هو ته قانوني طريقي سان گرفتار ڇو نه ڪيو ويو جيڪڏهن قتل غلط فهمي ۾ ٿيو ته ان جو ذميوار ڪير آھي ڇا پوليس پنهنجي اهلڪارن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سچ کي دفن ڪندي؟ جيڪا اڳ ڪوشش ٿي چڪي آھي هن واقعي بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي به شديد ردعمل ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران پرائيويٽ اهلڪارن جي استعمال جو لاڙو وڌي رهيو آهي جيڪو تمام خطرناڪ آهي فوري طور تي ملوث اهلڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي جاچ مڪمل طور تي غيرجانبدار اداري حوالي ڪئي وڃي مقتول جي وارثن کي تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي پوليس نظام ۾ پرائيويٽ اهلڪارن جي غيرقانوني استعمال تي بندش هڻڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي قانون جي نالي تي ظلمن جي اجازت نه آهي پوليس جو ڪم آهي تحفظ ڏيڻ نه ڪي قتل ڪرڻ جيڪڏهن هاڻ به خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اهو سڀاڻي ڪنهن ٻئي نوجوان جي لاش جي صورت ۾ وري سامهون ايندو. هاڻي وقت آهي ته رياست پوليس جي اندر موجود انهن اناثرن خلاف واضح قدم کڻي جيڪي قانون جي وردي کي هٿيار بڻائي بيگناھن جون حياتيون ڳولين ٿا