سنڌين ۽ سرائيڪين جي ڌرتي تي قبضو ڪيو پيو وڃي:وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) سرائيڪي لوڪ سانجهه جي جنرل سيڪريٽري صفدر ڪلاسرا، اسد ڄوتا ۽ ليکڪ ارشاد لغاري عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد پهچي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح ۽  نور نبي پليجو سان ملاقات ڪئي. سنڌ ۽ سرائيڪي وسيب سميت سموري ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن ذريعي سنڌين ۽ سرائيڪين جي ڌرتي تي قبضو ڪيو پيو وڃي، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سنڌين ۽ سرائڪين جي گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي. سنڌي قوم زبردست جدوجھد ڪئي آهي، سرائيڪين کي به ساڳي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.