ڪراچي (رپورٽر) سعيد آباد ۾ نيول ڪالوني ڀرسان هوٽل ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب 25 ورهين جو حبيب الرحمان ۽ 28 ورهين جو عبدالوهاب مارجي ويا. پوليس موجب حملو اصل ۾ حبيب الرحمان تي ٿيو، جنهن جو ملڪيت بابت تڪرار هلي رهيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ڌرين ۾ جرڳو به ٿيو هو. سي سي ٽي وي موجب، هڪ هٿياربند ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويو. ٻن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. مقتولن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن موت جي تصديق ڪئي وئي.