ڪراچي(رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾ ڏهاڙي واري ملازمن کي پڪو ڪرڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي خلاف سنڌ حڪومت پاران داخل اپيل تي ٻڌڻي ٿي، سرڪاري وڪيل چيو ته ڏهاڙي جي اجرت تي ملازمن کي ريگيولرائيزيشن واري قانون تحت پڪو نٿو ڪري سگهجي،هي ملازم ڏهاڙي تي مقرر ٿيل آهن، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته درخواستگذارن پنهنجي درخواست ۾ ڪا به غلط بياني ناهي ڪئي آهي، توهان کي عدالتي آرڊر ان وقت چئلينج ڪرڻ گهرجي ها، جسٽس شفيع صديقي چيو ته ڇا توهان هتي پنهنجي پهرين غلطي سڌارڻ چاهيو ٿا؟،چيف جسٽس يحي’ آفريدي چيو ته توهان اسان کان ڇا چاهيو ٿا؟،سرڪاري وڪيل چيو ته اسين چاهيون ٿا ته ريگيولرائيزيشن بابت حڪمن کي مقرري کان تبديل ڪيو وڃي، عدالت چيو ته توهان منتقلي واري آرڊر کي چئلينج ئي ناهي ڪيو، جنهن بعد عدالت سنڌ حڪومت جي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .