پ پ پنجاب جي قيادت غير متحرڪ، رڳو گورنر سرگرم

لاهور/اسلام آباد (امداد سومرو) گورنر پنجاب سردار سليم حيدر چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري ايندڙ وزيراعظم هوندو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پ پ پنجاب ۾ اڳتي آئي ۽ پي ٽي آءِ چٿجي رهي آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ بائيڪاٽ ڪري ٿي ته پ پ ايڊجسٽمينٽ ڪري وٺندي. مثال طور چٺا خاندان سان گڏيل اميدوار ڏئي سگهي ٿي، يا انهن جي اميدوار کي سپورٽ ڪري. اهڙا ڪي انتظام ڪري سگهي ٿي. ٿورو وڌيڪ خرچ ڪري پ پ سٺو ووٽ حاصل ڪري سگهي ٿي. جيستائين پ پ پنجاب ۾ ناهي تيستائين وزيراعظم جي ڊوڙ ناهي. سردار صاحب ته گورنر آهي، پارٽي جا ٻيا ماڻهو ڪٿي آهن؟ حسن مرتضيٰ ٿورو گهڻو ظاهر ٿئي ٿو، راجا پرويز اشرف پنڊي مان نڪري نٿو، ٻيا اڳواڻ اهڙي ريت سرگرم ناهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.