سڳيون (ن ع آ) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ منرل اينڊ مائنز ايڪٽ خلاف سنڌ ھاري ڪميٽي ڪميونسٽ پارٽي طرفان سڳيون ۾ سنڌ ھاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان دوران مظاھرين ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف نعريبازي ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي خطاب ڪندي پروفيسر مير منور ٽالپر چيو ته سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ وسيلي نيلام ڪري انهن لاءِ نوان ڪينال ٺاهي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، سنڌ مان 80 سيڪڙو تيل ۽ گئس نڪري ٿو رياست اھو تيل، گئس آمريڪا کي ڏيڻ چاهي ٿي، ان موقعي تي ڪامريڊ صالح سومرو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.