اسلام آباد(بيورو+م ڊ)نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب ملڪ جي مٿئين ۽ وچئين علائقن ۾ 5 آگسٽ کان 10 آگسٽ تائين جاري سخت برساتن سبب ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي، رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته درياهه چناب تي مرالا، کنکي ۽ قادرآباد وارن علائقن ۾ وچولي کان وڏي سطح جي ٻوڏ جو خطرو موجود آهي، ان کانسواءِ درياهه جهلم تي منگلا ڊيم جي مٿانهين علائقن ۾ به وچولي کان وڏي پيماني جي ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ وارننگ تحت علائقائي انتطاميا، مقامي رهواسين ۽ امدادي ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي ته احتياطي قدم کنيا وڃن، هوڏانهن اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز برساتن جو به امڪان آهي.
-
سنڌ حڪومت جي کاتن ۾ فوڪل پرسنز جي مقرري واري ڪيس ۾ ترميم
ڪراچي( رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي ، جسٽس شفيع صديقي ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ ۾سنڌ حڪومت جي کاتن ۾ فوڪل پرسنز جي مقرري واري ڪيس ۾سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت سنڌ حڪومت جي اپيل منظور ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڊرن ڊوائيس جي استعمال ۽ کاتن ۾ فوڪل پرسنز جي مقرري جو حڪم ڏنو هو، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته چيف سيڪريٽري ۽ سرڪار جي سمورن آفيسرن کي موبائل ڊوائيسز آن رکڻ جو حڪم ڏنو هو، سرڪاري وڪيل چيو ته عدالت واٽس ايپ ذريعي ميسيجز جي تصديق ۽ بليو ٽيڪ به آن رکڻ جي هدايت ڪئي هئي، چيف جسٽس يحي’ آفريدي چيو ته اها ته عدالت توهان کي سهولت فراهم ڪئي آهي، جيڪا شئي توهان کي ڪرڻ گهرجي پئي اها عدالت ڪئي آهي، اسان عدالتي آرڊر ۾ توهان جي استدعا مطابق ترميم ڪنداسين .
-
ايبٽ آباد ۾ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪندڙ 3 جوابدارگرفتار
ايبٽ آباد(م ڊ)خيبرپختونخوا جي ضلعي ايبٽ آباد جي علائقي باڪوٽ ۾ گذريل هفتي هڪ عورت سان اجتماعي زيادتي جي مبينه واقعي ۾ پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، هيءَ ڪارروائي ان وقت عمل ۾ آندي وئي، جڏهن سوشل ميڊيا تي واقعي بابت سخت ردعمل سامهون آيو، ايبٽ آباد پوليس جي ترجمان اعظم مير افضل ڊان کي ٻڌايو ته جوابدارن مبينه طور تي سومر ڏينهن راولپنڊي سان تعلق رکندڙ عورت سان اجتماعي زيادتي ڪئي، ترجمان موجب، ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر عمر طفيل، جڏهن فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ ۽ ٻين پليٽ فارمن تي هي واقعو اجاگر ٿيو، تڏهن فوري طور ڪارروائي جو حڪم ڏنو ۽ جوابدارن کي ترت گرفتار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو،ايف آءِ آر جي نقل موجب، پوليس ان جوابدار کي گرفتار ڪيو، جيڪو ان گهر جو مالڪ هو، جتي مبينا طور عورت سان هن ۽ سندس دوستن زيادتي ڪئي،ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدارن مان هڪ پنهنجي گاڏي ۾ عورت کي راولپنڊي مان کڻي آيو ۽ کيس پنهنجي دوست جي گهر وٺي ويو، جتي هن ۽ ٻين جوابدارن باري باري عورت سان زيادتي ڪئي،گهر جي مالڪ پنهنجي بيان ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪندي پنهنجي ٻن ساٿين جي به سڃاڻپ ڪئي، جن کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته متاثر عورت جي تلاش ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي.
-
ڪوهستان مان 28 سال اڳ گم ٿيل نوجوان جو لاش صحيح سلامت هٿ
ڪوهستان(م ڊ) ڪوهستان جي علائقي پالس ۾ 28 سالن بعد هڪ گليشئر جي پگهرجڻ کان پوءِ لاپتا ٿيل نوجوان نصيرالدين جي لاش صحيح سلامت ملي وئي، جنهن جي بعد سندس تدفين ڪئي وئي، نصيرالدينالائي مان سپٽ وادي رستي پنهنجي گهر واپس اچي رهيو هو ته رستي ۾ برفاني طوفان جو شڪار ٿي ويو ۽ پنهنجن ساڻين سان گڏ گم ٿي ويو،هفتي جي ڏينهن جڏهن علائقي ۾ برف پگهرڻ شروع ٿي، ته گليشئر هيٺان سندس لاش مليو، جنهن سان گڏ سندس ڪپڙا، واسڪٽ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ به محفوظ حالت ۾ موجود هئا، جن جي ذريعي سڃاڻپ ٿي، نصيرالدين جو ڀاءُ ڪثيرالدين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جون 1997ع ۾ خانداني دشمني سبب ڪوہستان ڇڏڻ تي مجبور ٿيو هو ۽ الائي طرف وڃي رهيو هو، جتي رستي ۾ برف جي لپيٽ ۾ اچي لاپتا ٿي ويو،هن چيو ته هو پنهنجي ڀاءُ جي جيئري يا مرده ملڻ جي اميد وڃائي ويٺا هئا، پر 28 سالن بعد لاش صحيح حالت ۾ ملڻ سندن لاءِ حيرت جوڳو ۽ يقين کان ٻاهر آهي.
-
گلگت ۾ ٻڏي ويل سياحن جي ڳولا وارو آپريشن ختم، 12 لاش نه ملي سگهيا
گلگت(م ڊ) گلگت بلتستان حڪومت ديامر ۾ سيلاب جي نتيجي ۾ گم ٿيل سياحن جي لاشن جي تلاش لاءِ جاري 14 ڏينهن وارو سرچ آپريشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،ٻوڏ ۾ ٻڏي ويلن ۾ خانگي ٽي وي جي اينڪر شبانہ لياقت جي خاندان جا 4 فرد به شامل آهن، جڏهن ته مجموعي طور 12 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن، جن جون لاشون نه ملي سگهيون، حڪومت جي ترجمان فيض الله فراق مطابق، ٻڏي ويلن جون سڀ گاڏيون ملبي مان ڪڍي وٺيون ويون آهن، پر مسلسل ڪوششن باوجود ٻن هفتن دوران لاشون هٿ نه آيون، جنهن بعد آپريشن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو،
ترجمان ٻڌايو ته آپريشن جي خاتمي تي ديامر ۾ سڀني لاپتا ماڻهن جي غائبانہ نماز جنازه ادا ڪئي وئي.
-
جيڪب آباد ۾ رستي جي لنگهه تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا زخمي
جيڪب آباد(ڊ ر) جيڪب آباد جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد سومرا شاخ ۾ رستي جي لنگهه تان جُهلڻ ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو ڌرين هڪٻئي مٿان لٺين سروٽن وسڪارو لائي ڏنونتيجي ۾ جُهلڻ برادري جا ٻه ڀائر شاهد حسين زاهد حسين جڏهن ته بروھي برادري جا گل حسن علي حسن ۽ زبير بروهي زخمي ٿي پيا اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي ٿاڻي تي وٺي پهتو ته ٻيهر ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار محمد حسن ٽالاڻي زخمي ٿي پيو ٻنهي ڌرين جي زخمين ۽ زخمي ٿيل پوليس اهلڪار کي سول اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏني .
-
جعفر ايڪسپريس تي ڪو به حملو نه ٿيو آهي: ريلويز ترجمان
لاهور(م ڊ) پاڪستان ريلويز جي ترجمان چيو آهي ته ڪوئٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس ٽرين تي ڪو به حملو نه ٿيو آهي، ڪالهه صبح 10 وڳي نگراني لاءِ موڪليل پائلٽ انجڻ تي 3 گوليون هلايا ويون هيون، خطري جو احساس ٿيندي ئي ٽرين کي محفوظ هنڌ تي روڪيو ويو هو ۽ سمورا مسافر محفوظ رهيا، سيڪيورٽي ڪليئرنس ملڻ بعد ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو ۽ پائلٽ انجن به بحفاظت واپس پهچي ويو آهي.