شيخ حسينا حڪومت جي خاتمي باوجود جدوجهد ڪندڙن جا خواب اڌورا

ڍاڪا ( ع آ نيوز) بنگلاديش ۾ شيخ حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي کي هڪ سال گذري ويو، سندس حڪومت خلاف جدوجهد ڪندڙ مطالبا پورا نه ٿيڻ سبب عبوري حڪومت کان به مايوس ٿي چڪا آهن،  هڪ سال اڳ جن ماڻهن شيخ حسينه جي خلاف قربانيون ڏنيون، انهن جو خواب اڃا تائين پورو نه ٿيو آهي.  نوبل انعام يافته محمد يونس عبوري حڪومت سنڀالي. واعدو ڪيو ويو ته ملڪ کي سڌارن کان پوءِ نون چونڊن ڏانهن وٺي وڃبو. پر اڄ،هڪ سال گذرڻ باوجود، بنگلاديش سياسي افراتفري، انتقامي سياست ۽ سماجي بيچيني جو شڪار آهي. شيخ حسينه تي انسانيت خلاف ڏوهن جو ڪيس ڀارت ۾ جلاوطني دوران هلي رهيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ”ايسوسيئيٽيڊ پريس“ مطابق، هيومن رائٽس واچ جي ايشيائي ڊائريڪٽر مينڪشي گنگولي چوي ٿي: ’هڪ سال اڳ جن ماڻهن شيخ حسينه جي ظالماڻي حڪمراني خلاف قربانيون ڏنيون، انهن جا خواب اڃا تائين پورا نه ٿيا آهن. گولي جو شڪار ٿيل هڪ عورت جي ڀاءُ 20 ورهين جي طريف جو چوڻ آهي ’اسان رڳو انصاف ۽ برابري چاهيون ٿا. اسان نه ٿا چاهيون ته ڪنهن حڪومت کي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ جو حق ملي، پر اڄ مان مايوس آهيان. عبوري حڪومت سڌارن لاءِ 11 ڪميشنون قائم ڪيون، پر سياسي جماعتن وچ ۾ اختلاف اڃا تائين باقي آهن. اليڪشن جي شيڊيول تي به ڪو اتفاق ناهي ٿيو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ مذهبي گروپن جون سرگرميون وڌي ويون آهن، جڏهن ته عوامي ليگ جي ڪارڪنن کي اڃا تائين سياسي انتقام کي منهن ڏيڻو پيو ٿو. انساني حقن جي تنظيم موجب 24 ڪارڪن پوليس جي حراست ۾ مارجي چڪا آهن.آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ چوي ٿي ته جيتوڻيڪ ماضي جا ڪجهه ظلم بند ٿي ويا آهن، پر ’سياسي انتقام ۽ اقليتن تي تشدد جا واقعا اڃا به جاري آهن.‘ يونس حڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ٿي، پر زميني حقيقتون بلڪل ٻيو داستان بيان ڪن ٿيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.