کاٻي ڌر جي تاريخ نه ٿي ملي، نوجوانن کي شعور ڏيڻو پوندو

حيدرآباد(رپورٽر) ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو 103ھون جنم ڏينھن عوامي ورڪرز پارٽي ضلعي حيدرآبادطرفان ملھايو ويو. جنھن ۾ پارٽي ميمبرن سميت پروگريسو اسٽوڊنٽس فيڊريشن(پي آر ايس ايف) ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. پي آر ايس ايف اڳواڻ ارسلان چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ امام نازش  تمام ڏکين حالتن ۾ پارٽي قيادت سنڀالي ۽ ان ذميواري سان وڏي انقلابي جذبي سان نڀايو. ڪامريڊ فرمان چيو ته اسان نئين نسل کي ڪامريڊ امام علي نازش جي بابت ڪا ڄاڻ ناھي نه ئي کاٻي ڌر جي ڪا تاريخ ملي ٿي جو اسان کي ڄاڻ ملي جيتوڻيڪ جڏھن اسان ترقي پسند شاگرد سياست بابت پڙھون ٿا ته اتي ڪامريڊ نازش جو ذڪر ملي ٿو جنھن جو ٻيو مطلب اھو آھي ته شاگرد سياست ۾ سندس اھم رول آھي جنھن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آھي. عوامي ورڪرز پارٽي اڳواڻ درياخان چيو ته ڪامريڊ نازش پارٽي جي سڌي قيادت سنڀالي، سنڌي ادبي سنگت کان ويندي سنڌ ھاري ڪميٽي، ڊي ايس ايف تائين جھڙا ادارا ٺاھي ڪم ڪيو ڪامريڊ بخشل چيو ته جيڪڏھن کاٻي ڌر جي تاريخ ناھي ته اھا اسان جي ذميواري آھي ته اسان ان تاريخ کي سھيڙيون ۽ ايندڙ نسل کي ان مان روشناس ڪرايون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.