اسلام آباد)بيورو+م ڊ) تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان طرفان چيف جسٽس پاڪستان کي خط لکي شوگر اسڪينڊل تي ازخود نوٽيس وٺڻ ۽ هڪ تحقيقاتي ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن ذميوارن کي وائکو ڪري سزا ڏني وڃي.هي خط محمود خان اچڪزئي، علامه ناصر عباس، اسد قيصر، ۽ مصطفى نواز کوکر پاران لکيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عوام کان ڏينهن ڏٺيءَ جو اربين رپيا لٽي ورتا ويا آهن، جڏهن ته احتسابي ادارا مڪمل خاموش آهن.خط ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت ۾ شامل ڪجهه بااثر خاندانن جا شوگر انڊسٽري سان سڌا يا اڻ سڌا لاڳاپا آهن، ٻئي پاسي ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي، جڏهن ته پشاور ۾ 50 ڪلوگرام چيني جي بوري جو اگهه وڌي 8900 رپين تائين پهچي ويو آهي.مارڪيٽن ۾ هول سيل اگهه في ڪلو 178 رپيا ۽ پرچون ۾ 200 رپيا في ڪلو مقرر ڪيو ويو آهي،