پي ٽي آءِ جي پاڪستان مخالف مهم سان ڪو اثر نه پوندو

اسلام آباد (سيد طلعت حسين) پاڪستان تحريڪ انصاف 5 آگسٽ تي (اڄ) احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، پارٽي جي عالمي مهم تحت عمران خان بابت اشتهار نيو يارڪ ٽائمز ۾ ڇپايو ويو، جنهن ۾ٽرمپ کي به اپيل ڪئي وئي آهي. اشتهار کي مضمون قرار ڏيڻ تي بحث هلي رهيو آهي، پر اخبار واضح طور تي ان کي اشتهار قرار ڏنو آهي. پي ٽي آءِ اها مهم عمران خان جي پٽن جي ذريعي هلائي رهي آهي، جيڪي ايئن مورگن جي شو ۾ به نظر آيا. ٻئي پاسي رياست ايران، افغانستان ۽ آمريڪا سان معاهدن ذريعي هاڪاري تصوير اُڀاري رهي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ناڪاري مهم نظام جي نظر ۾ ناقابل قبول بڻيل آهي. پي ٽي آءِ جي مهم جو ڪو اثر نه پوندو، ڇو ته رياست جي تصوير ۾ وڌيڪ وزن آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.