جڏهن 1926ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن قائم ٿيو، ته ان وقت سنڌ بمبئي جو حصو هئي، ۽ سنڌ لاءِ ڪا الڳ پبلڪ سروس ڪميشن موجود نه هئي. پبلڪ سروس ڪميشن جو نظام برطانيا جي دور حڪومت تحت برصغير ۾ مختلف صوبن ۾ لاڳو ٿيو، پر سنڌ لاءِ الڳ ڪميشن ان وقت موجود نه هئي. سنڌ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ چونڊ بمبئي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿيندي هئي. سنڌ 1936ع ۾ الڳ صوبو ٿيو ۽ بمبئي کان الڳ ڪيو ويو. ان کان پوءِ سنڌ لاءِ هڪ جدا پبلڪ سروس ڪميشن جي ضرورت محسوس ڪئي وئي، ۽ Sindh Public Service Commission جو قيام 1954ع ۾ ٿيو. هي ادارو سنڌ جي مختلف سرڪاري شعبن ۾ ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ۽ چونڊ جو ذميوار بڻيو. پاڪستان جي دستور تحت صوبائي پبلڪ سروس ڪميشنون خودمختيار ۽ آزاد ادارا ھوندا، جيڪي قانوني دائري ۾ رھي ڪري شفاف ۽ منصفاڻي طريقي سان آزمائشي عمل کي سرانجام ڏيندا. ان وقت کان وٺي هن اداري جو مقصد اهيو هيو ته سنڌ جي سرڪاري نوڪرين لاءِ لائق، باصلاحيت ۽ ايماندار اميدوارن جي چونڊ خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪرڻ.
پر افسوس، وقت گذرڻ سان هن اداري جي مٿان به مَٽي جو ڍير چڙھي ويو. اڄ جو نوجوان SPSC جي نالي تي ساھ ته کڻي ٿو، پر دل ۾ اهو وسوسو ضرور رکي ٿو ته ڇا واقعي نمبر ميرٽ تي ملندا؟ سفارش، رشوت ۽ سياسي مداخلت هن اداري کي اڏوهي جيان کائي ڇڏيو آهي. ميرٽ جي جاءِ تي ماڊرن دور جو نئون سسٽم ڪم ڪري ٿو يعني "پئسو، پاور ۽ پراڪسي”. ۽ انهيءَ ناانصافيءِ جي سسڪين کي ئي ماڻهو چئي رهيا آهن سنڌ پبلڪ ڪميشن مطلب ميرٽ جو جنازو. بدقسمتي سان، جنهن اداري کي ايمانداريءِ ۽ شفافيت جي علامت بڻجڻ کپي ها، اڄ اهو ئي بي اعتماديءِ جو مرڪز بڻجي ويو آهي. جتي امتحانن کي ايمانداريءِ جو معيار سمجهيو ويندو هو، اتي هاڻ پرچا ليڪ ٿيڻ، نااهل ماڻهن جي چونڊ ۽ اڳواٽ طئي ٿيل نتيجا عام ڳالهه بڻجي چڪا آهن. جتي ميرٽ بدران مافيا ڪم ڪري ٿي، جيڪا چند ڏوڪڙ وٺي غريب شاگردن سان دوکو ڪري ٿي، سفارش ۽ لاڳاپن جي بنياد تي فيصلا ڪرائي ٿي. ھن معاشري ۾ جتي سفارش ۽ پئسو عام ھجي اُتي ھڪ پڙهيل نوجوان جو مقابلو صرف امتحان سان نه، پر سفارش جي وڏين ديوارن سان به اميدوار جنگ وڙهي ٿو. ميرٽ ڪنهن به ترقي يافته سماج جي ريڙهه جي هڏي ھوندي آھي، ڇو ته اها اهليت، انصاف ۽ مقابلي جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ سکائي ٿي. جتي ميرٽ جو اصول لاڳو ٿيندو آهي، اتي نااهليءِ بدران صلاحيتن کي مقام ملندو آھي، ۽ ماڻهن ۾ جدوجهد ڪرڻ جو حوصلو پيدا ٿيندو آھي.
اسان قديم چين جي “Imperial Exam System” تي نظر وجنداسين، جتي عام ماڻهو علم جي بنياد تي سلطنت جا اهم عهدا حاصل ڪندا هئا. آمريڪا ۾ به 1883ع ۾ (Pendleton Act) ذريعي سرڪاري نوڪرين لاءِ سفارش بدران امتحان لازمي قرار ڏنو ويو، جنهن سان نظام شفاف ٿيو. سنگاپور جھڙي ننڍڙي ملڪ ۾ لي ڪوان يو جي قيادت ۾ ميرٽ کي بنيادي اصول بڻايو ويو، جنهن ملڪ کي ڪرپشن مان ڪڍي ترقي جي راھ تي آندو. ڀارت ۾ UPSC جهڙو ادارو اڄ به بنا سفارش، فقط قابليت جي بنياد تي آفيسر چونڊي ٿو. اهي سڀ مثال ڏيکارين ٿا ته جتي ميرٽ آهي، اتي ترقي آهي، ۽ جتي ميرٽ ناهي ته اتي ناانصافي، مايوسي ۽ سماجي زوال پيدا ٿين ٿا. اسان مٿي ڏنل ڪجهه ملڪن جي امتحانن کي وٺندڙ ادارن جو ذڪر ڪيو جيڪي ڪيئن پنھنجي ملڪ جي ترقي کي هٿي ڏين ٿا.
اچو ته ھڪ نظر ھڪ اھڙي اداري تي وجھون جيڪو ماضي ۾ ٺھيل ھڪڙو خالص ميرٽ تي ڀرتي ڪندڙ ادارو، ڪيئن اڄ رشوت خور، ڪرپٽ ٿي چڪو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ادارو جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان رشوت خور، ڪرپٽ ۽ بي اعتمادي جو مرڪز بڻجي چڪو آھي. تازو ئي 20 مئي 2025ع تي ايس پي ايس سي BS-9 جي نتيجن جو اعلان ڪيو جنھن ۾ ڪراچي، لاڙڪاڻو، حيدرآباد سميت سنڌ جا سڀئي ضلعا شامل هئا انهن سمورن ضلعن جي لسٽ جاري ڪئي وئي جنھن ۾ اميدوارن پنھنجي ڪارڪردگي تحت مارڪون کنيون، مختلف انگ آھن مختلف ضلعن جا، بحرحال ڳالهه اتي ختم نٿي ٿئي بلڪہ ڳالهه جي شروعات ئي رٽن ميرٽ لسٽ کان شروع ٿي ٿئي ميرٽ لسٽ لڳڻ کان پوءِ مرحلو آيو انٽرويوز جو، جيڪو ٿي گذريو ۽ ڪجهه ڏينھن اڳ ۾ انهيءِ جا نتيجا سامھون آيا، پر نتيجا اچڻ کان پوءِ ڪجهه عجيب ڏسڻ لاءِ مليو، سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارم تي ايس پي ايس سي جي نتيجن کي ڪرپشن، اقرباپروري قرار ڏيندي سخت احتجاج ٿيڻ شروع ٿيو. اھي اميدوار جيڪي 70 کان پلس مارڪون کڻي جڏھن انٽرويو مان فيل ٿي نڪتا ۽ ڪجهه اھڙا شاگرد جيڪي مشڪل سان پاس ٿيا ھئا، ايتريقدر جو فيل ٿيل شاگردن جا نالا به جڏھن ٽاپ تي آيا ته پوءِ ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان جي ذھن مان اھڙا خيال اُڀري زبان تي، اھڙن لفظن جي صورت اختيار ڪيا ته ڪاش اسان وٽ به پئسا ھجن ھا يا سفارش ھجي ھا ته اسان به اڄ “ اي ايس آئي” ھجون ھئا. صرف اڄ جي ڳالهه ناھي ته ھن ڀيري ائين ٿيو آھي پر اسان ايس پي ايس سي جي ماضي جا پردا کولينداسين ته اسان کي اھڙن سمورن ڪرپشن ۽ بي اعتمادي جا ثبوت ملندا جيڪا ايس پي ايس سي ماضي ۾ ڪيا، پوءِ چاھي اهي ليڪچرز، سبجيڪٽ اسپيشلسٽس جا نتيجا هجن يا وري ميونسپل آفيسرن، ٽائون آفيسرن ۽ ھيڊ ماستري جون نوڪريون ھجن جيڪي ھزار، لک نه بلڪي ڪروڙ يا ڏيڊ ڪروڙ ۾ وڪاميون ھيون، ان کانپوءِ وري ميل ۽ فيميل نرسنگ جي ڀرتي جو پڻ ساڳيو ئي طريقو استعمال ڪيو ويو، 2013ع ۽ 2017ع ۾ جڏھن مختلف شُعبن ۾ نوڪريون آيون اهي به من پسند ماڻھن کي پئسن تي نيلام ڪيون ويون، ان سان گڏوگڏ جيڪو حشر CCE سان ٿيو اھو به اسان جي سامھون آھي. ايس پي ايس سي ھميشه سنڌ جي پڙھيل لکيل نوجوانن سان ظلم ڪيو آھي ۽ قابليت بدران رشوت کي ترجيع ڏني آھي. ۽ نوجوانن سان ويساھ گاتيون ڪيون آهن. سنڌ جي اھڙن ادارن ۾ خاص ڪري جڏھن ھڪ نوجوان امتحان ڏي ٿو ته ھو ڪيترين ئي اميدن سان پنھنجي پاڻ کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، ڇو جو ھن کي دل ۾ اِھيا اميد ھوندي آھي ته ايس پي ايس سي ادارو خالص ۽ محنت ڪندڙ ماڻھن کي ڀرتي ڪري ٿو، جنھن لاءِ ھو ڏينھن رات ڪري ننڊون حرام ڪري پنھنجي خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن، اميدوار چاھيندا آھن ته ھو ايس پي ايس سي جو امتحان ڏئي مُختيارڪار، ڊي ايس پي، سيڪشن آفيسر ۽ اسسٽينٽ آفيسر جون نوڪريون حاصل ڪري پنھنجي شھر ۽ ڳوٺ جو نالو روشن ڪن پر افسوس هي ادارو انھن شاگردن جي سمورن خوابن ۽ اميدن کي ڪروڙن ۾ وڪڻي انھن کي مايوس ڪري ڇڏي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن اھيا مايوسي باھ وانگر ڀڙڪي ٿي ۽ اھا احتجاجن جي صورت اختيار ڪري وڃي ڪورٽ تائين پُهچي ٿي.
2022ع ۾ جڏھن سترھين گريڊ جي نوڪرين بابت اھيا خبر سامھون آئي ته ڪجهه من پسند ماڻھو، سياسي سفارش تي نوڪريون ڏنيون آھن ۽ جيڪي محنتي شاگردن ھئا انهن سان ناانصافي ڪئي وئي آھي ته پوءِ اُھو معاملو ھاءِڪورٽ ۾ آيو، ۽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 9 مھينن لاءِ تالو پڻ لڳي ويو، پر ڪجهه وقت کان پوءِ وري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي تالو کوليو ويو. ايترو ڪجهه ٿيڻ کان پوءِ به هن ادارن ۾ ويٺل ماڻھن کي ڪن تي جوءِ به نه سُري ۽ پنھنجي بربريت ۽ ظلم کي جاري رکندا پيا اچن. اھيو هيو ھڪڙو پاسو، ڇا جيڪڏھن اميدوار ظلم يا پنھنجي حق جي خلاف ڳالههائي ٿو ته ڇا ڇا ٿي سگھي ٿو؟ پر اڪثر ڪري اسان جي سنڌ ۾ اھڙن ادارن ۾ امتحان ڏيندڙ شاگردن جو گھڻو تعلق ھيٺين طبقي سان ھوندو آھي جيڪو پنھنجي معاشري جي ذلالتن کان وٺي گھر جي تعانن تائين جو سفر پورو ڪري اچي امتحان ۾ ويھي ٿو، پر جڏھن رزلٽ جو وقت اچي ٿو ۽ من پسند ماڻھو جا نالا ڏسي ماٺ ڪري ويهي ٿو رهي ڇو ته ھن کي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي مُنھن ٿو ڏيڻو پوي، ۽ مايوسي ۾ وڪوڙجو وڃي. پر ڪڏھن ڪڏھن وري مايوسي جي شدد ايتري وڌيو وڃي جو ڳالهه زندگي جي انت تائين پھچي ويندي آھي.
جيئن جيئن ميرٽ جو جنازو SPSC ۾ نڪري رهيو آهي، تيئن نوجوانن جا خواب به ٽٽي رهيا آهن ۽ انهن جي محنت کي هڪ ڌوڪو ملي رهيو آهي. جڏهن اهليت بدران سفارش کي ترجيح ڏني ويندي آهي، ته اها ناانصافيءِ جي وڏيون دريون کولي ڇڏيندي آهي. سماج ۾ بي ڀروسي وڌي ويندي ۽ عام ماڻهو پنهنجن حقن لاءِ مايوس ٿي ويندا آھن. اسان جا نوجوان، جيڪي پنهنجي روشن مستقبل لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، انھن جي سامھون جيڪڏھن اھڙا واقعا ٿين ٿا ته ھو مايوس ۽ باغي ٿي پنھنجي زندگي کي محدود ڪري ڇڏيندا آھن ھاڻي اهو وقت آهي جڏهن اسان کي گڏ ٿي، انصاف، ايمانداري ۽ ميرٽ جي بحالي لاءِ آواز بلند ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته مستقبل جون نسلون اسان کي معاف نه ڪنديون. اسان کي SPSC جهڙي اداري کي شفافيت ۽ ايمانداري جي روشنيءِ سان روشن ڪرائڻ ضروري آهي، ته جيئن هر اميدوار کي برابر موقعو ملي ۽ اسان جو سماج انصاف ۽ ڀائيچاري سان ڀرپور بڻجي. ڇاڪاڻ ته جڏهن نوجوان مايوس ٿين ٿا، ته قوم به زوال ڏانهن وڌي ٿي. اچو ته هاڻ اهڙي تبديلي لاءِ گڏ ٿيون، جيڪا اسانجي نوجوانن جي حقن جي حفاظت ڪري ۽ سنڌ کي هڪ اهڙو مستقبل ڏئي، جتي محنت ۽ قابليت کي عزت ملندي هجي.