ڪراچي (رپورٽر+م ڊ) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪراچي ۾ هر ماڻهو لفافو (رشوت) گهرندڙ آهي، جيڪڏهن ڪراچي کي گاڌي وارو هنڌ چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو،ڪراچي جي ايڪسپو سينٽر ۾ "ماءِ ڪراچي” نمائش دوران خطاب ڪندي گورنر چيو ته سڀ چون ٿا ماءِ ڪراچي، پر جڏهن پئسي جي ڳالهه اچي ٿي ته چون ٿا واءِ ڪراچي! ڪراچي جي ترقي ۾ ئي پاڪستان جي ترقي آهي،هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪراچي ۾ بجلي، پاڻي ۽ امن گهرجي پيو ته ڇا اهو غلط آهي؟ جيڪڏهن هتان جو واپاري ۽ صنعتڪار گئس گهرندو ته ڇا اهو مطالبو ناجائز آهي؟هن چيو ته اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ صنعت لڳائڻ لاءِ زمينون ڏئي رهيا آهن، پر جيڪڏهن ڪراچي بنيادي سهولتن کان به محروم آهي ته پوءِ هتان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي،هن چيو ته وفاق کان ڪراچي لاءِ 40 ارب رپيا وٺي چڪا آهيون، جن مان 20 ارب منتقل ٿي چڪا آهن، باقي 20 ارب به ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز خرچ ڪندا،ايم ڪيو ايم جي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي، گورنر چيو ته ڪراچي جا پهريان انڊرپاس، فلائي اوور ڊاڪٽر فاروق ستار جي دور ۾ تعمير ٿيا، پوءِ مصطفيٰ ڪمال جي دور ۾ وڌيڪ انڊرپاس ۽ فلائي اوور ٺاهيا ويا۔ ڊائو يونيورسٽي، عباسي شهيد اسپتال کي ماڊل اسپتال بڻائڻ، ٽراما سينٽر – اهي سڀ ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي کي تحفا آهن،گورنر وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اسيمبلين ۽ ايونن ۾ ڪراچي جي ڳالهه ٿئي، ته اسان کان بهتر ڪوبه ڪراچي جو ڪيس نٿو وڙهي سگهي،هيءُ اسان جو شهر آهي، اسين ڪراچي وارا ئي ان جو ڪيس وڙهندا ،هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن کي تقريبن ۾ ‘صاحب’ چيو ويندو آهي، پر جڏهن اهي ٻيهر ‘ڀائي’ بڻجي ويندا ته ڪراچي جا حالتون بهتر ٿي وينديون، ڪي اليڪٽرڪ پاران نيپرا ذريعي 50 ارب رپين جي وصولي وارو معاملو وزيراعظم آڏو رکيو ويندو،ڪامران ٽيسوري چيو ته، ڪراچي چيمبر جا مسئلا به ايم ڪيو ايم جا مسئلا آهن، چيمبر کي گهرجي ته ايم ڪيو ايم سان ضم ٿي وڃي، ڇو ته اسان سڀني جا درد ۽ فرياد ساڳيا آهن،هن چيو ته ٻين ملڪن ۾ واپارين ۽ صنعتڪارن کي 200 سيڪڙو تائين سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون، جڏهن ته هتي بجلي، پاڻي، گيس ۽ امن جو مطالبو ڪندڙ واپاري کي به سهولتون نٿيون مليون K-4 ذريعي 26 ڪروڙ گيلن پاڻي گهرجي ته پوءِ ايندڙ ميئر ايم ڪيو ايم جو هجڻ گهرجي،هن چيو ته ڪراچي جو اصل ڪيس ته صرف ايم ڪيو ايم ئي وڙهي سگهي ٿي، ڇو ته ان ۾ وڏيراڻي ۽ جاگيرداراڻي سوچ ناهي،