ملڪ ۾ هلندڙ مون سون دوران فوت ٿيندڙن جو انگ 299 ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي موجب ملڪ ۾ هلندڙ مون سون جي موسم دوران برساتن ۽ ٻوڏن سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 299 ٿي ويو آهي، سرڪاري ٽي وي جي رپورٽ موجب، اين ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته 26 جون کان هينئر تائين فوتگين جو انگ 234 مان وڌي 299 تائين پهتو آهي، جڏهن ته 715 ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن،رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جون کان سيپٽمبر تائين هلندڙ مون سون جي برساتون هڪ طرف جتي گرميءَ مان نجات ۽ پاڻي جي ذخيري لاءِ اهم هونديون آهن، اتي ٻي طرف اهي ئي برساتون تباهه ڪن ٻوڏ، لينڊ سلائيڊنگ ۽ ماڻهن جي بي دخلي جو سبب به بڻجن ٿيون، خاص طور تي انهن علائقن ۾ جتي نيڪالي جو نظام ناقص هجي، آبادي وڌيڪ هجي يا ڍانچو ڪمزور هجي، اين ڊي ايم اي جي تازن انگن اکرن موجب هلندڙ سال جي تيز برساتن ۽ ٻوڏن سبب 299 ماڻهو حياتي وڃائي چڪا آهن، جن ۾ 140 ٻار، 102 مرد ۽ 57 عورتون شامل آهن، زخمين جي تفصيل ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 239 ٻار، 204 عورتون ۽ 272 مرد زخمي ٿيا آهن، برساتن ۽ ٻوڏ دوران عوامي ملڪيت کي ٿيندڙ نقصان بابت ڄاڻايو ويو آهي ته 1676 گهر متاثر ٿيا آهن، جن مان 562 مڪمل طور تباهه ٿي ويا آهن، جڏهن ته 428 مال مويشي به مري ويا آهن،اين ڊي ايم اي موجب، 26 جون کان هينئر تائين 2880 ماڻهن کي متاثر علائقن مان ريسڪيو ڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امدادي ڪارروايون پڻ جاري آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.