گڏاپ (رپورٽ: ممتاز علي شيخ )سنڌانڊيجينيس رائيٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري ۽ قانوني ٽيم ٽيم تي حملي، زمينن تي والار ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ تي قبضي خلاف جدوجهد جو اعلان ڪريڇڏيو، ، بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي ترقياتي رٿائن جي آڙ ۾ زمينن ولار ڪئي پئي وڃي گڏاپ جي هزارين ايڪڙ زمينن ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي 200 ايڪڙ زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضو ختم ڪيو وڃي ٻيهر سرزمين تي اچڻ تي موتمار ڌمڪيون، پوئيس ڪيس داخل نه ڪيو ويو 8 آگسٽ تي ڪاٺوڙ ۾ احتجاج جو اعلان، تفصيل موجب سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس پاران کيرٿر پارڪ ۽ گڏاپ جي زمينن تي غيرقانوني والار ۽ لينڊ مافيا طرفان حفيظ بلوچ تي حملي خلاف اڳواڻن سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جي اڳواڻن مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاھ ، نائب صدر خالق جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ، معين مگسي ۽ امداد چاچڙ رازق آباد ۾ پر هجو پرس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي بحريه ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي پاران عدالتي حڪمن کي ٿڏي ترقياتي رٿائن جي آڙ ۾ زمينن تي ولار ڪئي پئي وڃي گڏاپ جي هزارين ايڪڙ زمينن ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي 200 ايڪڙ زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضو ۽ ريتي بجري چوري سنڌ جي ماحولياتي، ثقافتي، تهذيبي ورثي ۽ جهنگلي جيوت جي بقا جو سوال آهي هنن چيو ته ان حوالي سان صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ حفيظ بلوچ جي اڳواڻي جوڙيل ليگل ٽيم جڏهن سرزمين تي پهتي ته ريتي بجري مافيا مافيا مٿن حملو ڪري تشدد بعد اغوا جي ڪوشش ڪئي مقامي ماڻهن طرفان وچ ۾ پوڻ تي هٿيار بندن ٻيهر سرزمين تي اچڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون ۽ پوليس به ڪيس داخل نه ڪيو هنن چيو ته سنڌ انڊيجينيس رائيٽس الائنس جو ڪنهن سان ذاتي يا قبائلي جهيڙو ناهي سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جدوجهد ڪرڻ آهي اڳواڻ 8 آگسٽ تي ڪاٺوڙ ۾ احتجاج ڪندا،هنن چيو ته 200 ايڪڙ زمين تي ٿيندڙ غيرقانوني قبضي خلاف قانوني ۽ سياسي سطح تي 15 ورهين کان ميدان عمل ۾ آهيون۾ اڳواڻن جو چوڻ هو ته ان جدوجهد دوران الائنس جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي نه صرف حملا ٿيا، پر ڪوڙا ڪيس به داخل ڪيا ويا، پر اهي عمل سندن عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن.ان موقعي تي اعلان ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف اڳئين مرحلي ۾ قانوني ڪميٽي ڪاظم مهيسر، ايڊووڪيٽ ابيرہ اشفاق ۽ سجاد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ 22 اي تحت ڪيس داخل ڪرايو ويندو جڏهن ته 8 آگسٽ جمعي ڏينهن ڪاٺوڙ ۾ احتجاجي ريلي پڻ منعقد ڪئي ويندي.