غزا(م ڊ)غزا تي اسرائيلي حملا جاري، تازين ڪارروائين ۾ وڌيڪ 92 فلسطينی شهيد ٿي ويا، عرب ميڊيا موجب شهيدن مان 38 ماڻهو اهي هئا، جيڪي امدادي مرڪزن جي ويجهو بيٺل هئا ۽ امداد جا منتظر هئا، جڏهن اسرائيلي فورسز کين سڌي فائرنگ جو نشانو بڻايو، غزا جي وزارتِ صحت جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين بک ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب 169 فلسطينی فوت ٿي چڪا آهن، جن مان 93 ٻار به شامل آهن، سرڪاري بيانن موجب، گذريل ڏينهن صرف 36 امدادي ٽرڪون غزا انڪليو ۾ داخل ٿيون، جڏهن ته ضرورت 600 ٽرڪن جي آهي، اقوامِ متحده جي اداري انروا اسرائيل تي زور ڀريو آهي ته زميني رستن رستي امداد جو سلسلو وڌايو وڃي، ڇاڪاڻتَه هوائي امداد ڪافي نه آهي.