حڪومتي پاليسي زراعت جي شعبي کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ وجھي ڪري ڇڏيو آهي:سنڌ آبادگار بورڊ

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار بورڊ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي ٻٽي معيار تي ٻڌل ڊي ريگيوليشن پاليسي تي تنقيد ڪندي ان کي زرعي معيشت لاءِ ھاڃيڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته ان پاليسي جي نتيجي ۾ گذريل سال ڪڻڪ جي آبادگارن کي  مجموعي طور تي 900 ارب روپين جو نقصان ٿيو. سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت جا موجوده هڪ طرفي پاليسي وارا قدم رجعت پسندي تي ٻڌل قرار ڏنا آهن, جيڪي زراعت جي شعبي کي نقصان پهچائي رهيا آهن. جڏھن ته سنڌ آبادگار بورڊ سڀني زرعي جنسن جي برآمد جي اجازت ڏيڻ سميت مختلف سفارشون پڻ ڪري ڇڏيون آھن. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس صدر محمود نواز شاھه جي صدارت ۾ ٿيو جنھن ۾ ڊاڪٽر محمد بشير نظاماڻي، سيد نديم شاھه، محمد ملوڪ نظاماڻي، سيد سلمان علي شاھه، محمد اسلم مري، ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ارباب احسن، مصطفيٰ نواز شاھه، محمد اڪبر دراني، مراد علي شاھه بڪيرائي، علي مردان شاھه ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فصلن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. زرعي جنسن جي اگھن ۽ پيداوار ۾ گھٽتائي، جڏھن ته پيداواري خرچن ۾ واڌ تي پريشاني ۽ مايوسي جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته زراعت اڳ ئي گهٽ پيداوار، گهٽ اگهن ۽ وڌيڪ پيداواري خرچن جي ڪري متاثر ٿي رهي آهي. جڏھن ته حڪومتي پاليسي زراعت جي شعبي کي وڌيڪ ڏکيائين ۾ وجھي ڪري ڇڏيو آهي. آبادگارن جو خيال هو ته هن بحران ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ٻٽي معيار تي ٻڌل ڊي ريگيوليشن پاليسي لاڳو ڪئي آھي. اھا ڊي ريگيوليشن پاليسي مارچ 2024ع ۾ ڪڻڪ کان شروع ٿي. جڏهن حڪومت اوچتو ڪڻڪ جي خريداري بند ڪري ڇڏي. اٽڪل 7 ملين ٽن ڪڻڪ جي سرڪاري طور خريداري بند ٿيڻ سان ان جو مارڪيٽ تي وڏو اثر پيو، جنھن جي نتيجي ۾ مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگھه ان جي پيداواري خرچ 3450 روپين جي ڀيٽ 3800 روپين کان به گهٽجي 2200 روپين تائين پھچي ويو، ان سان 2024ع ۾ ڪڻڪ جي آبادگارن کي  مجموعي طور تي 900 ارب روپين جو نقصان ٿيو. سنڌ آبادگار بورڊ چيو آھي ته زراعت جي شعبي کي ايتري وڏي نقصان کانپوءِ به حڪومت ان جي پورائي لاءِ ڪو به جوڳو قدم ته نه کنيو پر ويتر ساڳيو عمل 2025ع ۾ ورجايو ويو. ساڳئي قسم جي ڪهاڻي ڪمند جي معاملي ۾ به ورجائي وئي جتي پڻ حڪومت ڪمند جو اگھه ته مقرر ئي نه ڪيو پر اپريل 2025ع ۾ ڪمند جي پيڙھائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ کنڊ جو اگھه وڌائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اھڙي ريت ڦٽين ۽ سارين جا اگھه پڻ گهٽ ٿي ويا. سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته  حڪومت زرعي جنسن جي درآمد تي اھڙي وقت ۾ پرڏيھي ناڻو خرچ ڪندي رهي ٿي. جڏھن اھي جنسون مقامي سطح تي تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچڻ شروع ٿينديون آھن، جنهن سان نه رڳو آبادگارن جي آمدني تي وڌيڪ اثر پئجي ٿو پر ان جي نتيجي ۾ زرعي معيشت کي پڻ نقصان ٿئي ٿو، نتيجي طور، ڀاڻن جو استعمال گهٽجي ويو آهي، ٽريڪٽر جو وڪرو گهٽجي ويو آهي، جڏھن ته ٻي پاسي جتي ڊيزل ۽ جيت مار دوائن جا اگھه وڌي ويا آھن ته  اتي ئي موسمياتي تبديلي جا خطرا پڻ سامھون آھن. انھن سمورن معاملن کي نظر ۾ رکندي سنڌ آبادگار بورڊ حڪومت تي زرعي شعبي ڏانهن ڌيان ڌرڻ تي زور ڏيندي اھم سفارشون پڻ ڪيون آھن. سنڌ آبادگار بورڊ پنھنجي سفارشن ۾ چيو آھي ته ميون ۽ ڀاڄين سميت سڀني زرعي جنسن جي برآمد جي اجازت ڏني وڃي. موسمياتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ معياري ٻج ڏياريا وڃن. زرعي پيداواري خرچن کي ڪنٽرول ڪيو وڃي ته جيئن اھي زرعي جنسن جي گهٽجندڙ اگھن جي ڀيٽ ۾ مناسب ٿي سگھن. سنڌ آبادگار بورڊ اھا پڻ سفارش ڪئي آھي ته پيداوار وڌائڻ لاءِ گھربل ضروري سھولتون ڏنيون وڃن. پيداواري ٽيڪنالاجي لاءِ ماڊل فارمز قائم ڪيا وڃن ته جيئن پيداوار کي وڌائڻ سان گڏ  فصل لھڻ کانپوءِ ٿيندڙ 30  سيڪڙو نقصان کي گهٽائي سگھجي. سنڌ آبادگار بورڊ اھا پڻ سفارش ڪئي آھي ته زرعي فنانسنگ وڌائي وڃي جيڪا هن وقت گھرج جو 50 سيڪڙو به پورو نه ڪري رهي آهي. ان کان علاوہ ڳوٺاڻن علائقن ۾ بجلي جي سپلائي 24 ڪلاڪ ئي جاري رھڻ گھرجي. پوک لاءِ گھرج واري وقت تي پاڻي  ڏنو وڃي. ھن وقت جڏھن سسٽم ۾ پاڻي موجود آھي تڏھن به  وارابندي جو عمل لاڳيتو جاري آھي جيڪو بند ڪيو وڃي. اجلاس ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان زراعت کي درپيش چئلينجن کي سمجهڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز سان رابطي کي وڌائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته حڪومت جا موجوده هڪ طرفي پاليسي وارا قدم رجعت پسندي تي ٻڌل آهن جيڪي زراعت جي شعبي کي نقصان پهچائي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.