اظهار جي آزادي ۽ صحافت تي بندشن خلاف جدوجهد جاري رکنداسين: پي ايف يو جي

ڪراچي( رپورٽر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ صحافتي آزادي تي بندش ۽ جمهوريت خلاف ڪارروائين خلاف جدوجهد جو عزم ڪيو آهي. پي ايف يو جي جي پلاٽينيم جوبلي تقريب ۾ پڌرائي ۾ چيو ويو ته اسين پنهنجي جدوجهد جي نتيجي ۾ 75 سالن جي اهڙي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، جيڪا اسان جي عزم، همت، جمهوريت جي بقا، اظهارِ راءِ جي آزادي، ۽ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرن جي حقن جي ڏهاڪن جيجدوجهد جو ثبوت آهي. پي ايف يو جي اهو جرئت وارو مشعل ثابت ٿي آهي، جنهن فوجي آمرن ۽ غير جمهوري قوتن جي خلاف نه فقط سچ جو آواز بلند ڪيو، پر سماج جي خاموشيءَ ۾ حرڪت پيدا ڪري پنهنجي عزم کي واضع ڪيو. اهو آمر ايوب هجي يا يحيٰ خان جو پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس، يا جنرل ضياءُالحق جا جابراڻا قدم ، هميشه ثابت قدميءَ سان انهن آمرانه قدمن جي مخالفت ڪئي ۽ مظلوم قوميتن جي آئيني جدوجهد سان اظهارِ راءِ جي آزادي کي زنده رکيو. اسان جي  جدوجهد ڪڏهن به فوجي آمرن کان نه ڊني آهي، ۽ نه ئي ڪنهن جمهوري حڪومت جي غير آئيني قدمن کي قبول ڪيو آهي. پي ايف يو جي اڄ به صحافين دشمن “پيڪا” قانون ۽ پنجاب جي "ڊي فيميشن” قانون خلاف مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ ان جدوجهد جي صورت ۾ ملڪ اندر هڪ اثرائتي آواز بڻجي چڪي آهي. اسين هن تاريخي موقعي تي تجديد عزم ڪريون ٿا ته ستن ڏهاڪن جي جدوجهد کي ان وقت تائين جاري رکيو ويندو، جيستائين ملڪ مان زبردستي لاڳو ڪيل آمرانه ڪارا قانون ختم نٿا ٿي وڃن. اسين صحافين جي غير ضروري برطرفين، بي روزگاري، ۽ معاشي بدحالي جي خاتمي لاءِ موجوده حڪومت سان نه ڪا رعايت ڪنداسين ۽ نه ئي ڪنهن مفاهمت لاءِ تيار ٿينداسين، پر نئين عزم سان صحافتي حقن جي جنگ جاري رکنداسين.اسين هر قسم جي سنسرشپ، پريس ايڊوائس، يا ميڊيا تي پابندين جي خلاف آواز اٿاريندا رهنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.