ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (پي ايف يو جي) جي پلاٽينم جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي اداري جي 75 سالن جي لڳاتار جدوجهد ۽ صحافت جي آزادي سان وابستگي کي ڀيٽا پيش ڪئي. وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ پاڪستان اندر صحافتي تنظيمُن جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته سنڌ يونين آف جرنلسٽس 1948ع کان وٺي اڄ تائين صحافين جي حقن جي تحفظ ۽ سياسي جدوجهد جي هر دور ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڀُٽي صاحب آمريت خلاف بيباڪ موقف اختيار ڪيو ۽ انهن صحافين کي پڻ سلام پيش ڪريان ٿو جن جبر جي دور ۾ قربانيون ڏنيون. وڏي وزير چيو ته اڄ جو صحافي سخت معاشي ۽ پيشور بحران جو شڪار آهي. ڪيترائي ميڊيا ادارا مالي بحران جو شڪار آهن ۽ ڪيترائي صحافي مهينن تائين بغير پگهار جي ڪم ڪري رهيا آهن. جڏهن هڪ صحافي پنهنجي ٻارن جي روزي لاءِ پريشان هجي ته هو ناانصافي خلاف ڪيئن آواز اٿاري سگهي ٿو؟ وڏي وزير چيو ته هوءَ صحافت جي آزاديءَ جي سڀ کان وڏي علم بردار هئي. شهيد بينظير ڀٽو صحافين جي رهائشي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان ورتو ۽ ان جي حل لاءِ عملي قدم کنيا. هوءَ اها قومي اڳواڻ هئي جنهن صحافين جي حقن لاءِ رستن تي به نڪتي. سندن ورثو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هڪ آزاد صحافت جمهوريت جي بنياد آهي. هڪ مضبوط، آزاد ۽ خودمختيار صحافت ئي خودمختيار پاڪستان جي ضمانت آهي.” وڏي وزير خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت پي ايف يو جي سميت ٻين صحافتي ادارن سان گڏجي پائيدار قدم کڻندي، جيڪي صحافين جي ڀلائي ۽ ميڊيا جي آزادي کي يقيني بڻائيندا. وڏي وزير پي ايف يو جي، جي قيادت، ڪارڪنن ۽ انهن بهادر صحافين کي واڌايون ڏنيون جن سچ جو علم هميشه بلند رکيو.