اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار محسن بيگ هڪ آن لائن انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته ملڪ رياض اسٽيبلشمينٽ کي انٽرويو ڏئي ڇڏيو آهي، جيڪا به جاچ ٿي ان دوران هن سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته جنرل فيض جي ڪيس ۾ هن پنهنجو بيان ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ڪجهه ماڻهو وٽس جاچ جي سلسلي ۾ دبئي ۾ ويا هئا. ان ڳالهه جي خبر ناهي ته هن اهو به ٻڌايو ته هن ملڪ رياض کي 5 ارب رپيا ڏنا يا نه ڏنا. محسن بيگ موجب، جنرل فيض سڄي پاڪستان جي واپارين کي بليڪ ميل ڪري پيسا ڪمايا آهن، انهن ۾ هڪ ملڪ رياض شامل به آهي. فيض صاحب جي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي. انهن ماڻهن جا بيان ورتا ويا آهن جن کان اهڙي ريت پيسا ورتا ويا آهن يا بليڪ ميل ڪيو ويو. 200 کن ماڻهو فيض جي ٽرائل ۾ سندس خلاف گواهي ڏئي چڪا آهن جن ۾ ملڪ جا وڏا واپاري به هوندا ۽ انهن ۾ سياستدان به شامل آهن. ٿورن ڏينهن ۾ کيس سزا اچي ويندي.
-
نيوي جو رٽائرڊ وائيس ايڊمرل بحريا ٽائون مني لانڊرنگ ڪيس ۾ طلب
اسلام آباد (زاهد گشڪوري) بحريا ٽائون مني لانڊرنگ جي ايف آءِ اي ڪيس جي جاچ جاري آهي. جي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، پاڪستان نيوي جي رٽائرڊ وائيس ايڊمرل زاهد الياس کي جاچ لاءِ گهرايو ويو آهي جيڪو بحريه ٽائون جو چيف آپريٽنگ آفيسر آهي، هو پيش به ٿي چڪو آهي. امڪان آهي ته بحريا ٽائون ڪراچي جي چيف آپريٽنگ آفيسر احمد حيات کي به طلب ڪيو وڃي. اهي ٻئي پاڪستان نيوي جا اهم آفيسر رهيا آهن ۽ ٽو اسٽار جنرل آهن. بحريا ٽائون ۽ ڪراچي ۽ بحريا ٽائون لاهور به جاچ هيٺ آهن. ان سلسلي ۾ گذريل رات ڪرنل جميل کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ رٽائرڊ ڪور ڪمانڊر کي به طلب ڪري سگهجي ٿو، هڪ رٽائرڊ ميجر جنرل به جاچ هيٺ اچي سگهي ٿو. ڪيس ۾ هن وقت تائين 16 گرفتاريون ٿي چڪيون آهن.