اسلام آباد/لاهور(بيورو رپورٽ/م ڊ) ايراني صدر پاڪستان جي رستي چين سان واپار جي خواهش ڏيکاري ڇڏي آهي، ايران جو صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. پاڪستاني پرڏيهي آفيس موجب، ايران جي صدر طور هي سندس پاڪستان جو پهريون سرڪاري دورو آهي، جنهن جو مقصد ٻنهي ملڪن جي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي. مسعود پزشڪيان پهرين لاهور آيو، پوءِ اسلام آباد روانو ٿيو. اسلام آباد ايئرپورٽ تي صدر مسعود پزشڪيان جي آجيان وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ اطلاعات واري وزير عطا تارڙ ڪيو. ايران جي وفد ۾ پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻيا سينيئر وزير شامل آهن. اسلام آباد پهچڻ تي ايران جي صدر کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي.صدر مسعود پزشڪيان جي ملاقات صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان طئي ٿيل آهي. هن موقعي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي فروغ بابت خيال ونڊيا ويندا.ايران جو صدر اڄ اسلام آباد ۾ ٻين اعليٰ اختيارين سان به ملاقاتون ڪندو، جن ۾ ٻطرفي لاڳاپن، واپاري سهڪار، بارڊر سيڪيورٽي ۽ علائقائي صورتحال تي ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان اڳ، صدر مسعود پزشڪيان پنهنجي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ لاهور پهتو، جتي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪيو. ان کان پوءِ، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، مهمان صدر سان گڏ شاعر مشرق علامه اقبال جي مزار تي حاضري لاءِ رواني ٿي. هنن سان گڏ سينيئر صوبائي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا. تهران مان روانگي کان اڳ ايران جي صدر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڪ-ايران واپار جو حجم 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ واپاري لاڳاپا بهترين آهن. اسان ريشم روڊ ذريعي پاڪستان ۽ چين سان ڳنڍجي سگهون ٿا، ۽ اها شاهراهه ايران جي رستي يورپ تائين وڃي سگهي ٿي.