ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ پنج ٻين عهديدارن سميت ڇهن ماڻهن جي ريمانڊ ۾ وڌيڪ 20 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. انهن کي 15 ڏينهن جي ريمانڊ جي پڄاڻيءَ تي ڇنڇر جي ڏينهن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي روڪ واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. پيش ڪيل ماڻهن ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ سان گڏ ٻيا عهديدار بيبو بلوچ، گلزادي بلوچ، صبغت الله، ٻنهي پيرن کان معذور بيبرگ بلوچ، ۽ نيشنل پارٽي جا سينيئر ڪارڪن ۽ بيبو بلوچ جو والد غفار بلوچ شامل هئا. انهن جي وڪيل اسرار جتڪ ايڊووڪيٽ، ريمانڊ ۾ واڌ کي غيرضروري قرار ڏيندي الزام هنيو ته حڪومت وٽ ڪو به ثبوت ناهي، ان ڪري فقط معاملي کي ڊگهو ڪيو پيو وڃي. ٿري ايم پي او تحت ٽي مهينا کان وڌيڪ وقت تائين حراست ۾ رکڻ کان پوءِ سول لائنز پوليس اسٽيشن ۽ بروري پوليس اسٽيشن ۾ درج ٿيل ٽي ايف آءِ آرز ۾ انهن جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي هئي. اڳواڻن کي سيشن ڪورٽ بڪٽر بند گاڏين ۾ آندو ويو. پيش ٿيڻ دوران ۽ ان کان پوءِ سيشن ڪورٽ جي احاطي ۾ موجود ماڻهن سان انهن ملاقات ڪئي ۽ هٿن سان فتح جا نشان ٺاهيا.