ٻٻرلوءِ ڀرسان ٽرالر روڊ ڪناري ستل پورهيتن مٿان چڙھي ويو، 4 نوجوان فوت

ٻٻرلوءِ/ لکي غلام شاھ (رپورٽ: سعيد احمد جتوئي / نديم جان مهر) ٻٻرلوءِ ڀرسان قومي شاهراهه تي تاج پيٽرول پمپ وٽ روڊ ڪناري ننڊ ستل پورهيتن مٿان ٽريلر چڙھي ويو، نتيجي ۾ چار پورھيت ۳۵ سالن جو ديدار علي نصيراڻي، ۲۵ سالن جو وزير علي، ۲۷ سالن جو ظفر علي ۽ ۳۸ سالن جو گل حسن نصيراڻي چيڀاٽجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ۳۲ سالن جو صدورو مڱڻهار سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي ٻٻرلوءِ پوليسپھچي ايڌي ايمبولينس ذريعي زخمي پورھيت ۽ لاش کڻائي اسپتال پهچايا، ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي ڳوٺ وزير آباد لڳ شڪارپور کڻائي ويا، جڏھن ته زخمي پورهيت جو علاج سول اسپتال خيرپور ۾ ھلندڙ آهي، سندس حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ھوڏانھن واقعي بعد ڊرائيور ٽريلر سميت فرار ٿي ويو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته پورهيت ڇوھارن ۽ کجين جي باغَ تي مزدوري ڪرڻ لاءِ شڪارپور کان آيل ھئا، گرميءَ سبب روڊ ڪناري ستل ھئا ته مٿن ٽرالر چڙھي ويو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ھو،  هوڏانهن چئن پورهيت نوجوانن جا لاش لکي غلام شاھ لڳ ڳوٺ وزيرآباد پهچڻ تي ڪهرام ويو، سندن جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، مڙهه کڄڻ دوران هر اک آلي ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.