پاڪستان، آمريڪا واپاري ڊيل سان چين ڪنڊائتو ٿي ويو؟

نيو يارڪ (شهباز گل) اهڙو تيل جيڪو پاڪستان پاڻ خريد ڪري ٿو، اهو هاڻي آمريڪا کي ڏنو پيو وڃي. پاڪستان سعودي عرب سميت ٻين ملڪن کان اوڌر تي به تيل وٺندو آهي. ٽرمپ چيو ته پاڪستان سان واپاري ڊيل ٿي وئي آهي پر هن اهو ناهي ٻڌايو ته ڪيترو ٽيرف لڳو آهي يا ناهي لڳو. هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جي ذخيرن مان گڏجي تيل ڪڍنداسين ۽ آمريڪا جي هڪ ڪمپني کي موڪلينداسين جيڪا تيل ڪڍندي. ممڪن آهي ته پاڪستان اڳتي هلي تيل  ڀارت کي به وڪرو ڪري. ٽرمپ جي هن ڊگهي منصوبابندي مان اوهان کي چين پاسيرو ٿيندي نظر اچي رهيو هوندو ڇو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي ڊيل سان ڀارت به ويجهو ٿي رهيو آهي ۽ ان سان چين پري ٿي ويندو. ٻيو رخ اهو آهي ته آمريڪا ليبيا، شام ۽ عراق سميت ٻين هنڌن تي حملا ڪندو رهيو آهي، هڪ ته اسرائيل جي دفاع لاءِ ٻيو اهو ته اتي تيل آهي. جتي جتي تيل آهي، اتي آمريڪا پهچي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ به تيل موجود آهي. دنيا جا چوٿان وڏا ذخيرا پاڪستان وٽ آهن پر انهن کي دريافت ناهي ڪيو ويو، انهن کي دريافت ڪرڻ لاءِ 5 بلين ڊالر لڳندا. انڊس ريجن ۾ سنڌ، ڪي پي، بلوچستان جا علائقا به اچن ٿا، 164 ملين بيرل تيل موجود آهي، ٽرمپ جي ان ۾ دلچسپي آهي. چين به ائين ئي چاهيندو آهي، جتي تيل هوندو آهي اتي پنهنجي موجودگي چاهيندو آهي. اسان بنا ڪنهن ڇڪتاڻ يا جنگ جي اهو تيل پاڻ ئي ڏئي رهيا آهيون. اسان چئون ٿا ته ڪجهه تيل اسان کي ڏيو، ڪجهه اوهان کڻي وڃون. ان کان وڏي ڊيل ٽرمپ کي ڪهڙي ملي سگهي پئي. اها ڊيل ان لاءِ ڏني وئي ته هر صورت عمران خان کي جيل ۾ رکڻو آهي ۽ اقتدار ڊگهو رکڻو آهي. فيلڊ مارشل کي ايڪسٽيشن گهرجي، ۽ ڊگهو اقتدار گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.