تيل ذخيرن ۾ سنڌ سڀ کان مٿي،آمريڪا جي دلچسپي چين لاءِ ڳڻتي جوڳي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان اعلان کانپوءِ ته آمريڪا ۽ پاڪستان تيل جي ذخائر بابت هڪ واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، پاڪستاني ۽ ڀارتي سوشل ميڊيا  صارفين جي وچ ۾ بحث ڇڙي ويو آهي.هڪ پاڪستاني صارف حسين نديم طنزيه انداز ۾ لکيو:پاڪستان کي هاڻي خبر پئي آهي ته ان وٽ تيل جا ذخيرا موجود آهن. ٽرمپ جي ٽوئيٽ جو شڪريو! هي ته هاڻي هڪ ڪاميڊي بڻجي وئي آهي.،تجزيه نگار مائيڪل ڪوگلمين سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيوآمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا تيل جي وڏن ذخيرن جي ترقي لاءِ معاهدو ڪيو آهي. تازن هفتن ۾ پاڪستان پاڻ به پنهنجن وڌندڙ تيل جي ذخيرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي،فيصل رانجھا لکيو ته  ٽرمپ ڀارتي ماڻهن جو مذاق اڏائي رهيو آهي. هي ته مودي جي حد درجي توهين آهي.،انڊيا جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ڪنول سبل سخت ردعمل ڏيندي چيو:هي بيان ٽرمپ جي ذهنيت کي وڌيڪ واضح ڪري ٿو. هو چاهي ٿو ته ڀارت سندس 25 سيڪڙو ٽيڪس ۽ ڏنڊ واري شرط کي قبول ڪري،هن وڌيڪ چيو:آمريڪا جي خوشي ٻين جي تڪليف تي ٻڌل آهي، ۽ ٽرمپ ئي فيصلو ڪندو ته ڪير ‘خوشي’ جو حقدار آهي،ڪنول سبل ٽرمپ جي بيان ۾ ڀارت جو ذڪر ڪرڻ کي طنز قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان طرفان هڪ ڏينهن ڀارت کي تيل وڪڻڻ بابت هي طنزيه بيان کل جوڳو آهي، خاص طور تي جڏهن ڀارت کي ايران جهڙن وڏن سپلائرز تائين پهچ حاصل آهي،هڪ ٻي ڀارتي صارف، "ڪانسٽيٽ گارڊنر” نالي هينڊل سان، ٽرمپ تي تنقيد ڪندي لکيو:اصل ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي جيئن هاڻ سڀني کي خبر آهي، ٽرمپ رڳو واپاري ڊيل تي ڳالهه اڳتي وڌائڻ لاءِ سڀ بٽڻ دٻائي رهيو آهي. ياد رکو، اسان ذهني رانديڪن واري ڌرتي آهيون. اهڙين ڳالهين کان آساني سان نجات حاصل ڪري سگهون ٿا،ٻئي پاسي پاڪستاني صارف فريد لکيو ته مون کي لڳي ٿو ته ٽرمپ هي سڀ (تيل جا غيرحقيقي ذخيرا) ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ ڪري رهيو آهي. کيس لڳي ٿو ته اهڙي چال سان کيس فوري فائدو ملي سگهي ٿو. هن وقت پاڪستان جي چئني صوبن ۾ تيل جي دريافت جو ڪم جاري آهي، پر ماھرن موجب ان شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرمي صوبو سنڌ ۾ ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.پاڪستان ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسي (PACRA) جي تازي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ تيل ۽ گئس جي دريافت ۽ پيداوار جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ کوهه سنڌ ۾ آهن، جتي 247 تيل ۽ گئس جا کوهه موجود آهن.ان جي ڀيٽ ۾:پنجاب ۾ 33 کوهن تي ڪم هلي رهيو آهي،خيبرپختونخوا ۾ 15 کوهه آهن،۽ بلوچستان ۾ رڳو 4 کوهن تي ڪم جاري آهي.رپورٽ موجب، انهن مان ڪيترن کوهن مان تيل يا گئس ڪڍي وئي آهي ۽ هاڻي اهي “ڊرائي” يعني خالي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ٻين تي ڪم اڃا هلندڙ آهي.پاڪستان ۾ تيل جي دريافت ۾ آمريڪي دلچسپي، خصوصاً بلوچستان يا ساحلي علائقن ۾، چين لاءِ هڪ سنجيده پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿي.چين اڳ ئي سي پيڪ (چائنا پاڪستان اقتصادي راهداري) جي تحت توانائي، بندرگاهن ۽ ڍانچي جي ترقي ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪري چڪو آهي، خاص طور تي گوادر ۽ بلوچستان ۾. انهن منصوبن ۾ چيني انجنيئر ۽ عملي سرگرم آهن، پر ان وقت اتي حالتون اڳ ئي سيڪيورٽي جي حوالي سان نازڪ آهن.جيڪڏهن آمريڪا بلوچستان يا ان جي ساحلي علائقن ۾ تيل جي دريافت يا پيداوار جا منصوبا شروع ڪري ٿو ته:چين ان کي پنهنجي اثر رسوخ لاءِ خطرو سمجهي سگهي ٿو؛پاڪستان ٻه وڏن طاقتور اتحادي (چين ۽ آمريڪا) جي وچ ۾ ڦاسي سگهي ٿو؛۽ اهو معاملو پاڪستان لاءِ سفارتي محاذ تي هڪ حساس تڪرار جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.