عارف علوي، گنڊاپور، سلمان اڪرم سميت 50 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا وارنٽ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 50 اڳواڻن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.اسلام آباد جي دهشت گردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين، پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جي  گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا. عدالت جن اڳواڻن جا وارنٽ جاري ڪيا، تن ۾ عارف علوي، عمر امين گنڊاپور، اسد قيصر، حماد اظهر، عاطف خان، عبدالقيوم نيازي، شبلي فراز، فيصل جاويد ۽ سلمان اڪرم راجا شامل آهن.ان کان علاوه عدالت رؤف حسن، مراد سعيد، احمد نيازي، شعيب شاهين، اعظم خان سواتي، عمر ايوب، صاحبزاده حامد رضا، عليمه خان، شيخ وقاص اڪرم، ڪنول شوزب، شاندانه گلزار ۽ شير افضل مروت جا پڻ گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.