اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي آهي ۽ عوام حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهه تي کنڊ نه ملڻ تي پريشان ۽ سستي کنڊ جي ڳولا ۾ آهي، ميڊيا رپورٽن موجب حيدرآباد ۾ کنڊ 190 کان 200 رپيا في ڪلو تائين وڃي پهتي آهي، جڏهن ته ڪراچي جي پرچون مارڪيٽن ۾ کنڊ 180 کان 190 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي، جنهن سبب شهرين ۾ پريشاني آهي، جڏهن ته ڪوئيٽا ۽ پشاور ۾ به کنڊ 180 رپين کان گهٽ اگهه تي دستياب ناهي، لاهور ۾ ڊيلرن ۽ شگر ملز مالڪن وچ ۾ تڪرار جاري آهي، جنهن سبب اڪثر دڪانن تي کنڊ موجود ناهي، ٻي پاسي وفاقي حڪومت شگر ملز خلاف قدم کڻي ورتو، فوڊ وزارت جي عملدارن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت ملڪ اندر موجود سموري کنڊ جو ذخيرو پنهنجي ڪنٽرول ۾ وٺي ڇڏيو آهي، عملدارن موجب 18 شگر ملز جي مالڪن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ فهرست پڻ جاري ڪئي ويندي، هنن ٻڌايو آهي ته 19 لک ميٽرڪ ٽن کنڊ شگر ملز بدران هاڻ حڪومتي ڪنٽرول ۾ اچي وئي آهي، اهو فيصلو کنڊ جي مصنوعي کوٽ ۽ قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جي خطري کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، فوڊ وزارت جي عملدارن ٻڌايو آهي ته سمورن شگر ملز ۾ موجود کنڊ جي اسٽاڪ تي ايف بي آر جا ايجنٽ مقرر ڪيا ويا آهن ۽ شگر ملن جي کنڊ جي اسٽاڪ تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم به لڳايو ويو آهي، ٻي پاسي غذائي تحفظ بابت وفاقي وزيرِ راڻا تنوير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جو ڪو بحران ناهي، کنڊ جي برآمد ۽ درآمد بابت هڪ غلط تاثر پيدا ڪيو ويندو آهي، کنڊ پهريون ڀيرو درآمد نه پئي ڪئي وڃي، گذريل سال ملڪ ۾ کنڊ جو سرپلس ذخيرو موجود هو، جنهن کي نظر ۾ رکندي برآمد جو فيصلو ڪيو ويو، گذريل 10 سالن دوران کنڊ جي برآمد ۽ درآمد ٿيندي رهي آهي.