ڪراچي (شڪيل نائچ) مالي سال 2024-25 ۾ وفاقي حڪومت پاران سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ، تيل، گيس، معدنيات جي رائلٽي، آڪٽراءِ ضلعي ٽيڪس جي مد ۾ 8 سيڪڙو گهٽ شيئر ڏنو ويو. ناڻي واري وزارت موجب، سنڌ جو مالي شيئر 17 کرب 96 ارب 10 ڪروڙ رپيا هو پر رڳو 16 کرب 53 ارب 16 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا، يعني هڪ کرب 42 ارب 94 ڪروڙ رپيا گهٽ ڏنا ويا. گذريل مالي سال ۾ سنڌ جي اين ايف سي شيئر ۾ هڪ کرب 31 ارب 6 ڪروڙ جي گهٽتائي ٿي. تيل، گيس، ۽ معدنيات جي رائلٽي جي مد ۾ سنڌ کي 6 ارب 54 ڪروڙ، جڏهن ته آڪٽراءِ ۽ ضلعي ٽيڪس ۾ 4 ارب 80 ڪروڙ گهٽ مليا. سنڌ حڪومت ڪيترائي ڀيرا وفاق کي آگاهه ڪيو آهي ته رقم ڇو گهٽ آهي، جڏهن ته ٽيڪس آمدني ۾ به ڪا وڏي کوٽ نه آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي کي حصي جي پوري رقم ملي آهي، پر سنڌ کي گهٽ شيئر ڏنو ويو آهي. وفاق پاران سنڌ ۾ ڪنهن به نئين منصوبي جو اعلان به ناهي ڪيو ويو، جنهن تي سنڌ سرڪار سخت ناراض آهي ۽ ان عمل کي ناانصافي قرار ڏنو آهي. وفاق طرفان ڪو به جواز ۽ دليل پيش ناهي ڪيو ويو.