پريا ڪماري جي وارثن کان ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ گهري ورتو

سکر (عوامي آواز نيوز) چار سال اڳ سنگرار مان اغوا ٿي ويل نينگري پريا ڪماري بابت ڌاڙيلن سندس وارثن سان رابطو ڪري هڪ ڪروڙ رپين ڀنگ جي گهر ڪئي آهي. نينگري جي والد راج ڪمار ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون تي چيو ته پريا اسان وٽ آهي، جيڪڏهن بازيابي چاهيو ٿا ته هڪ  ڪروڙ ڀنگ ڏيو. راج ڪمار چيو ته واقعي بابت ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ سان ملاقات ڪري آگاهه ڪيو ويو آهي، جنهن بازيابي جي خاطري ڪرائي آهي. هن ٻڌايو ته ان کان اڳ به اهڙا فون اچي چڪا آهن، پر اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. وارثن اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي نياڻي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.