نوابشاھه (رپورٽ: غلام نبي) قائد عوام يونيورسٽي ۾ ٿيل مبينا ڪرپشن جي ڪيس ۾ زباني موڪل تي ويل پروفيسر ستار ساند جو نالو به شامل ٿي ويو آهي، قائدعوام يونيورسٽي کي هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فنڊن ۾ خرد برد ڪيس ۾ ايف آئي اي جي جاچ ٽيم اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين ۽ سامان خريداري ڪميٽي جي ڪنوينر پروفيسر ستار ساند جو نالو ڪيس ۾ شامل ڪري ڪچو چالان اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر وٽ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پروفيسر ستار ساند 6 آگسٽ تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت وٺي ڇڏي آهي، ياد رهي هن ڪيس ۾ اڳ 8 جوابدارن تي ڪيس داخل آهي، هڪ وڌيڪ شامل ٿيڻ بعد جوابدارن جو تعداد 9 ٿي ويو آهي، 9 جوابدارن مان صرف هڪ نامزد جوابدار ڊپٽي ڊائريڪٽر فنانس قمر دين شيخ کي ايف آئي اي گرفتار ڪيو هو جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي، ڪيس بابت عوامي آواز پاران ايف آئي اي سرڪل جي ڊپٽي ڊائريڪٽر افروز ڪلوڙ کان موقف وٺڻ لاءِ مسلسل رابطي ڪيو ويو پر هن سان رابطو نه ٿي سگهيو.