ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس نثار ڀنڀرو تي ٻڌل آئيني بئنچ ۾ صوبائي نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت خاص عدالتن جي قيام بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهه ڪيو ته منشيات خاتمي بابت ترميمي ايڪٽ منظور ٿي چڪو آهي، گورنر جي منظوري کانپوءِ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو. اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر جنرل ٻڌايو ته گهرو کاتي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکي ڇڏيو آهي ۽ چيف جسٽس سان مشاورت به جاري آهي. پهرين مرحلي ۾ ڪراچي ۾ 13 خاص عدالتون قائم ٿينديون. جسٽس ذوالفقار علي سانگي سرڪاري وڪيلن کان سوال ڪيو ته رڳو ڪراچي ۾ ڇو؟ ڇا ٻين شهرن ۾ منشيات جا ڪيس داخل ناهن ٿيندا؟ جنهن تي وڪيل وضاحت ڏني ته بعد ۾ ٻين شهرن ۾ به عدالتون قائم ڪيون وينديون. عدالت سرڪاري وڪيلن جي خاطري کانپوءِ درخواست اڪلائڻ جي هدايت ڏني ته نوٽيفڪيشن جي ڪاپي ايم آءِ ٽي ۾ جمع ڪرائي وڃي.