ڪينيڊا ۽ مالٽا پاران فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان

غزا/اوٽاوا (م ڊ) ڪينيڊا به فرانس ۽ برطانيا جيان فلسطين کي باقاعده رياست طور تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته آمريڪا ۽  اسرائيل ڪينيڊا جي رويي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪينيڊين وزيراعظم مارڪ ڪارني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران فلسطين کي رسمي طور تي رياست طور تسليم ڪيو ويندو. ٻئي پاسي يورپي يونين جو رڪن ملڪ مالٽا به فلسطيني رياست جي حمايت لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي. مالٽا جي وزيراعظم رابرٽ ابيلا اعلان ڪيو آهي ته سندس ملڪ سيپٽمبر ۾ گڏيل قومن جي اجلاس ۾ فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ تي غور ڪندو. ٻئي پاسي غزا جي پناهگير ڪئمپن ۽ خيمن تي اسرائيلي فوج جي بمباري سبب عورتن ۽ ٻارن سميت وڌيڪ 52 فلسطيني شهيد ٿي ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.