اسلام آباد/ڪراچي (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ سستيون شيون ڏيندڙ يوٽيليٽي اسٽورن کي بند ڪيو ويو، جنهن جو نوٽيفڪيشن صنعت ۽ پيداوار واري وزارت طرفان جاري ڪيو ويو. اسٽورن کي وزيراعظم شهباز شريف ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري سان بند ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن موجب، گذريل ڏينهن 31 جولاءِ کان اسٽورن تي خريداري ۽ وڪرو بند ڪيو ويو. اسٽورن تي موجود سامان ويئر هائوس منتقل ڪيو ويندو، آءِ ٽي سامان جي نيلامي ٿيندي، ڪرائي تي ورتل اسٽور پهرين تائين خالي ڪرايا ويندا. يوٽيليٽي اسٽور ڪارپوريشن طرفان سڄي ملڪ جي ذونل مئنيجرن کي خط اماڻيو ويو ته هو سرگرميون بند ڪن. حڪومتي ذريعن موجب يوٽيليٽي اسٽورن جي ملازمن کي گولڊن شيڪ هينڊ ڏنو ويندو. پر اهو دير جو شڪار آهي. ان کان اڳ وزيراعظم ملازمن لاءِ رضاڪاراڻي طور ڌار ٿيڻ تي پيڪيج ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي جنهن جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو. اسٽور ملازمن حڪومت کان 29 ارب کان وڌيڪ جي پيڪج جو مطالبو ڪيو هو.