ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) گذريل ڏينهن گهگهر ڦاٽڪ ويجهو غيرت جي نالي تي بلوچستان جي علائقي لسيٻلا سان تعلق رکندڙ بيدردي سان قتل ٿيندڙ زال مڙس ۽ سندن معصوم ٻار جو انساني همدرديءَ کي شرمائيندڙ واقعو سامهون آيو، جتي مقتولن جا لاش بلوچستان جي لسٻيلا علائقي ۾ دفنائڻ لاءِ کڻي ويا جتي علائقي جي وڏيري مقتولن جي لاشن کي دفنائڻ نه ڏنو جنهن بعد لاش واپس گهگهر ڦاٽڪ جي اڪبر ڳوٺ جي قبرستان ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻا بعد دفنايا ويا. مقتول عبدالمجيد وڌو، سندس زال سڪينه ۽ ٻه سالا پٽ عبدالغني، جن کي گذريل ڏينهن گهگهر ڦاٽڪ جي ڀرسان ڀنڀو ڳوٺ ۾ گهر اندر ڪهاڙين سان وار ڪري بي رحماڻي نموني قتل ڪيو ويو هو، انهن جا لاش سندن وارث بلوچستان جي لسٻيلا ضلعي ۾ وٺي ويا هئا، جتي سندن مستقل رهائش آهي. مقتول عبدالمجيد جي ڀاءُ امام بخش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسين لاش پنهنجن اباڻي علائقي لسٻيلا ۾ دفنائڻ لاءِ کڻائي وياسين پر مقامي وڏيري ۽ بااثر ماڻهن چئي ڏنو ته توهين ٻاهريان آهيو، تنهن ڪري لاش هتي دفن ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. جنهن بعد مقتولين جا لاش ٻيهر گهگهر واپس آندا ويا ۽ اڪبر ڳوٺ جي قبرستان ۾ جنازي نماز بعد تدفين ڪئي وئي. ٻئي پاسي مقتول جي ڀاءَ امام بخش پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر نمبر 25/583 داخل ڪرائي آهي.
-
ڪاروڪاري قتلن جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي: عوامي تحريڪ
حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو، حسنه راهوجو ۽ نور نبي پليجي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي وڌندڙ قتلن جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي، سنڌ ايپيڪس ڪميٽي عدالتي حڪمن جي خلاف ورزي ڪندي قبائلي سردارن کي جرڳن جا اختيار ڏنا، نتيجي ۾ سنڌ ۾ عورتن جا قتل، سڱ چٽي سميت مختلف ڏوهه عام جام ٿي ويا آهن، ملير ۾ 6 سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي معصوم پٽ سميت قتل ڪيو ويو، هي واقعو وحشي جاگيرداري نظام کي جيئارڻ جو نتيجو آهي، پيپلز پارٽي جاگيردارن جي نمائنده پارٽي آهي جنهن سنڌ ۾ سرداري ۽ جاگيرداري نظام قائم ڪري آئين ۽ قانون معطل ڪري ڇڏيو آهي، قبائلي سردارن جي سرپرستي سبب سنڌ ۾ ڪاروڪاري جي قتلن ۾ اضافو ٿيو آهي.