گڏاپ جي زراعت ۽ پاڻي جي ذخيرن کي ريتي بجري مافيا هٿان تباهه ڪرڻ وارو الميو!

روزاني عوامي آواز سان تعلق رکندڙ ملير جي سينئر  ضلعي رپورٽر جميل  چانڊيي جي هڪ رپورٽر  ڊائري ” ملير جي ريتي بجري  ۽ پٿر مافيا کي ڪير سوگهو ڪندو“ جي عنوان سان شايع ٿي آهي جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي جي گڏاپ واري علائقي ۾ پوليس جي سرپرستي هيٺ مافيا ريتي بجري سان گڏوگڏ پٿر جي کوٽائي ڪري رهي آهي. ريتي  ۽ پٿر جي نيڪالي سبب زرعي پيداوار جي اپت سئو سيڪڙو مان اڄ ڏهن سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي جنهن سبب هزارين پورهيت بيروزگار ۽ علائقي واسي بک، بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن. اهڙي صورت حال ۾ ڳوٺ جا ڳوٺ زرعي روزي بند ٿيڻ ڪري لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن جن ۾ پنج سئو کان وڌيڪ خاندان آهن. مطلب ته ريتي ۽ بجري جي نيڪالي سان زرعي زمينون غير آباد ٿينديون تباهي جي  ور چڙهنديون پيون وڃن جنهن سان آبادگارن جو ڪروڙن روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

رپورٽ موجب ملير ندي، سکڻ ندي، ڪونڪر ندي، لنگهيجي ندي ۽ ٻولهاڙي سميت 30 کان وڌيڪ آبي قدرتي لنگهن مان ريتي بجري ۽ قيمتي پٿرن جي نيڪالي ٿيڻ سبب پاڻي پهچائڻ وارا وسيلا به بيابان ٿي ويا آهن. هاڻي ماڻهن وٽ پيئڻ جو پاڻي به نٿو پهچي. رپورٽن موجب ماضي ۾ ڪراچي شهر کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلاءِ ملير ندي مٿان قائم ڊملوٽي جي کوهن ذريعي ٿيندي هئي، تنهن زماني ۾ ملير  ندي ۽ ان جي ڀرپاسي واريون مول نديون 12 مهينا ئي پاڻي جي ذخيرن سان ڀريل هونديون هيون. هاڻي تيزي سان نڪرندڙ ريتي جبري سبب زراعت ۽ انساني بحران سان گڏوگڏ ماحولياتي گدلاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي. تازو ملير ايڪسپريس وي جنهن کي شاهراهه ڀٽو جو نالو ڏنو ويو آهي تنهن روڊ جي زمين کان 60 فٽ تائين جي ڀرائي به هتان جي ريتي بجري ۽ پٿرن ذريعي ڪئي  وئي. ايئن بحريه ٽائون وغيره جهڙين اسڪيمن ذريعي ملير ۽ گڏاپ جي زمينن کي کوٽي جيڪو زميني ۽ آبي ذخيزن توڙي چراگاهن ۽ تاريخي قديم ماڳن کي بلڊور ڪيو ويو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته زرعي علائقن کي جنهن ريت ڀڙڀانگ ڪيو پيو وڃي تنهنجي تباهي جو جيڪو فطري رد عمل اچڻو آهي تنهن جو ڪنهن کي احساس ئي ناهي. جيستائين ريتي بجري ۽ پٿر مافيا جو تعلق آهي  سا ته ايتري پاور فل آهي جو ان جي آڏو ملير جا چونڊيل پ پ جا ايم اين اي ۽ ايم پي اي به بي وس بڻيل آهن.

اها مٿين رپورٽ پڙهڻ کان پوءِ واضح ٿي چڪو آهي ته ملڪ اندر هر قسم جي مافيائن جا سرپرست ڪير آهن. مٿين رپورٽ ۾ ته اهو به واضح آهي ته ملير اندر ريتي بجري ۽ پٿر مافيا جي سرپرستي ڪندڙ ملير ۽ گڏاپ جا ٿاڻا آهن ۽ انهن ٿاڻن کي مافيائن جو ساٿ ڏيڻ جو حڪم نامو انهن طاقت ور ڌرين طرفان جاري ڪيو ويندو آهي، جن آڏو چونڊيل ايم پي ايز ۽ ايم اين اوز جي به نه ٿي هلي ۽ اهي انهن آڏو پنهنجي بي وسيءَ جو  اظهار به ڪندا رهن ٿا. جيستائين ملير جي ريتيءَ بجري کي کوٽڻ ۽ ان کي ترقياتي منصوبن لاءِ ڪتب آڻڻ جو معاملو آهي ته ان ۾ فطري ردعمل کي به ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت آهي. زمينن کي کوٽڻ ۽ ريتي بجري ڪڍڻ ۽ ڪيتري حد تائين ڪڍجي تنهن جو به قانون ۽ قاعدو آهي جنهن جو ذرو به خيال نه ٿو ڪيو وڃي ۽ نه ئي ماحولياتي ۽ زميني صحت يا زرعي مفادن جو خيال ڪيو ويندو آهي جنهن سبب هر قسم جي تباهي پلئه پئجي رهي آهي. مثال طور تازو ملير ۾ جيڪي لاڳيتو زلزلا آيا هيا سي پڻ اهو چتاءُ ڏئي رهيا هيا ته ملير ضلعي جي زمينن کي ريتي ۽ بجري توڙي پٿرن جي نيڪالي جيڪڏهن اونهاين جي خطرناڪ حدن تائين ڪندئو ته اهي زمينون پنهنجو فطري توازن برقرار نه رکي سگهنديون ته پوءِ زلزلن جو تعداد وڌندو ويندو. پر افسوس ته اسان جي حڪومتن کي ان جو ذرو به احساس ناهي.

ريتي ۽ بجري کوٽڻ جو هي مسئلو ڪو نئون ناهي گذريل 40 سالن کان ان انياءَ جي نشاندهي ٿيندي رهي آهي ۽ ملير جي رپورٽرن هر دور ۾ ان عمل کي  بي نقاب پئي ڪيو آهي جيئن جميل چانڊيي هميشه وانگر هاڻي به  اهو مسئلو اٿاريو آهي. سو ريتي بجري ۽ پٿرن جي  کوٽائي سان نه رڳو زميني توازن خراب ٿئي ٿو ۽ ان نتيجي ۾ زلزلا لاڳيتو اچڻ شروع ٿي ويا آهن پر گڏاپ جون زرعي زمينون به تيزي ڀڙڀانگ ٿي رهيون آهن ۽ پاڻي جا ذخيرا پڻ بلڊور ٿيا آهن جنهن نتيجي ۾ پاڻي جو به سخت بحران آهي.  اهو آهي فطرت سان غلط نموني هٿ چراند ڪرڻ جو نتيجو جنهن جو ماحولياتي ۽ زرعي تنظيمن کي سخت نوٽيس وٺي ريتي بجري مافيا کي لغام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ۽ اهو ان احساس وچان ڪرڻ گهرجي ته انساني آبادي سلامت هوندي ته هي حڪومتي نظام ۽ ڪمايون هونديون. سو سڀ کان اڳ ۾ انساني آبادي جي جيئڻ جي بنيادي حقن، سندس زرعي روزي، پاڻي ۽ روزگار کي ترجيح ڏيڻ گهرجي جيڪو حڪومت جو ڪم آهي پر گڏاپ سميت سڄو ملير ضلعو ڄڻ ته ريتي بجري مافيا جي حوالي ٿيل آهي جنهن سبب ئي آباد ۽ زراعت سان مالا مال ملير ضلعو ۽ اتان جو عوام تباهه ۽ برباد  ٿي ويو آهي. جيڪو پنهنجي سون جهڙين زمينن کي اکين آڏو تباهه۽ برباد ٿيندي رت جا ڳوڙها وهائي رهيو آهي. ڊڄو ان ڏينهن کان جڏهن اهي رت جا ڳوڙها بغاوت تي لهي اچن ان کان اڳ جو اهڙو خطرناڪ عوامي ردعمل ظاهر ٿئي رياستي طاقتن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ گهرجي ته فطرت سان کيڏڻ يا سياست ڪرڻ ائين آهي جئين ڪو ماڻهو وڻ جي ان شاخ کي وڍندو هجي جنهن تي اهو ويٺل آهي. سو انساني آبادي جي جيئڻ جا وسيلا کسڻ معنيٰ سڀ ڪجهه کسڻ هوندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.