ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز ۾ جتي ڀارتي ٽيم جا رانديگر پاڪستان سان کيڏڻ کان انڪاري آهن، اتي ئي وري ڀارتي شوقين پاڪستاني رانديگرن سان سيلفيون ڪڍرائڻ ۽ آٽو گراف وٺڻ مصروف آهن، جنهن جون وڊيوز وائرل آهن.
ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ کانپوءِ ڀارتي رانديگرن پاڪستان سان کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پاڪستان ٽيم بنا سيمي فائنل کيڏڻ جي فائنل ۾ پهچي وئي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي ٽيم پاڪستان خلاف رائونڊ ميچ کيڏڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو هو.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ ڀارتي فين کي پاڪستاني وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل کان دستانا گهرندي ڏسي سگهجي ٿو، جنهن تي هو ٿيلهي مان پنهنجا دستانا ڪڍي ڀارتي فين کي ڏئي ٿو ڇڏي.
ڪامران اڪمل وڊيو ٺاهيندڙ ڀارتي فين کان پڇي ٿو ته توهان ڪيئن محسوس ڪري رهيا آهيو، جنهن تي هو چئي ٿو ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي، مان توهان جو وڏو فين آهيان.
هڪ واهپيدار ان وڊيو تي تبصرو ڪيو ته ڀارت پاڪستان سان ميچ نه پيو کيڏي ۽ ڀارتي شوقين پاڪستاني رانديگرن کان گلوز وٺي رهيا آهن.
هڪ ٻئي واهپيدار پاڪستاني رانديگرن جي تعريف ڪندي لکيو ته ڀارت جي تعصبي رانديگرن ۽ پاڪستان جي رانديگرن ۾ فرق واضح آهي.
ڀارتي رانديگرن جي تعصبي رويي باوجود شوقين پاڪستاني رانديگرن جا ديوانا، وڊيوز وائرل
You might also like