نواز شريف ۽ مريم نواز سان سعودي سفير جي ملاقات، ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سان سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن، اقتصادي سهڪار ۽ دفاعي ڀائيواري تي تفصيلي طور خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڌرين پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ سياسي، معاشي ۽ دفاعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو، جڏهن ته دفاعي شعبي ۾ سهڪار، گڏيل فوجي تربيت ۽ انٽيليجنس جي ڏي وٺ وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
مريم نواز چيو ته سعودي عرب جي سرزمين هر مسلمان جي دل ۾ هڪ خاص روحاني مقام رکي ٿي ۽ پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.